Book Name:Achi Aur Buri Mout

ڀري زِندگي گذارڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو، هن جي برڪت سان اِن شَآءَ الله الڪرِيم! پابندِ سُنَّت بڻجڻ، نيڪين جو ذوق و شوق ماڻڻ ۽ ايمان جي حفاظت جي لاءِ تڙپڻ جو ذِهن بڻجندو۔ 12 ديني ڪمن ۾ به وڌ کان وڌ حِصّو وٺو، اِن شَآءَ الله الڪرِيم! نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جو ثواب ملندو ۽ ڪهڙي خبر، جڏهن اسان پنهنجي ۽ سڄي دُنيا جي ماڻهن جي اِصلاح جي جذبي سان نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ ۾ مَصرُوف ٿي وڃون، انهيء حال ۾ موت اچي ته اِن شَآءَ الله الڪرِيم! الله پاڪ جي فضل ۽ ان جي پياري حبيب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ڪرم سان نصيب موچارو ٿي ويندو۔ دعوتِ اسلامي جي 12 ديني ڪمن مان هفتيوار هڪ ڪم آهي: علاقائي دورو۔ الحمد لله! دعوتِ اسلامي سان وابسته عاشقانِ رسول پنهنجي پنهنجي علائقن ۾ ڏينهن ۽ وقت مقرر ڪري گهٽي گھٽي، دُڪان دُڪان وڃي، ماڻهن کي نيڪي جي دعوت ڏئي انهن کي مسجد ۾ اچڻ، نيڪيون ڪرڻ ۽ قبر ۽ آخرت جي تياري ڪرڻ جي ترغيب ڏيندا آهن، اهڙي طرح مدني قافلن ۾ سفر ڪرڻ وارا عاشقانِ رسول به مدني قافلي جي جدول (Schedule) جي مُطَابِق نيڪي جي دعوت ڏيڻ جي سعادت حاصل ڪندا آهن۔ اوهان به هن نيڪ ڪم ۾ شِرڪت جي پڪي نيت ڪري وٺو۔

گُنَاهن ڀري زِندگي ۾ نيڪين جي بهار اچي وئي

فتح جنگ (پنجاب، پاڪستان) جي هڪ اسلامي ڀاءُ جي بيان جو خلاصو آهي: دعوت اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿيڻ کان پهريان مان گناهن ڀري زندگي گذاري رهيو هيس، فلمون ڊراما ڏسڻ، آواره گردي، راند روند ۾ مست رهڻ منهنجو پسنديده مشغلو هو، افسوس! مان نمازون پڻ قضا ڪندو هئس ۽ گُنَاهن جي ذريعي جهنّم ڏانهن وڌندو پئي ويس، پر الحمد لله! انهي دوران منهنجي هدايت جو سبب بڻجي ويو، ٿيو هيئن جو هڪ ڏينهن اسان جي