Book Name:Achi Aur Buri Mout

گھٽ ڳالهائڻ سُنَّتِ مصطفيٰ آهي

ٻه فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ: (1): انسان جو خاموشي تي قائم رهڻ 60 سال جي عبادت کان بهتر آهي۔ (شُعْبُ الْاِیْمَان، باب: حفظ اللسان، جلد:4، صفحہ:245، حدیث:4953) (2): خاموشي اعليٰ درجي جي عبادت آهي۔ (مسند الفردوس، جلد:2، صفحہ:417، حدیث:3849)

اي عاشقانِ رسول! گھٽ ڳالهائڻ سُنَّت مصطفيٰ آهي۔ * الحمد لله! اسان جا پيارا آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ گھڻو وقت خاموش رهڻ وارا هئا۔ (شرح السنہ للبغوی، جلد:7، صفحہ:450، حدیث:3695) * پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ بلا ضرورت ماڻهن سان گفتگو نه ڪندا هئا، هند بن ابو هاله رَضِىَ اللهُ عَنۡه جو بيان آهي ته رحمت عالم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ بلا ضرورت گفتگو نه ڪندا هئا بلڪه اڪثر ماٺ ئي رهندا هئا. (شمائل ترمذی، صفحہ:353، حديث:225) خاموشي مان مراد آهي: دُنياوي ڪلام کان خاموشي نه ته حضورِ اقدس صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي زبان مبارڪ الله پاڪ جي ذڪر ۾ مشغول رهندي هئي۔ (مرآۃ المناجیح، جلد:8، صفحہ:81)

پيارا اسلامي ڀائرو! * خاموشي حڪمت آهي * گھٽ ڳالهائڻ سان عقل ڪامل ٿيندو آهي * گھٽ ڳالهائڻ عبادت جي چاٻي آهي * گھٽ ڳالهائڻ سان عبادت جي لذَّت نصيب ٿيندي آهي * گھٽ ڳالهائڻ سان عزت، وقار، ۽ علم ۾ اضافو ٿيندو آهي * جيڪو بِلاضرورت ڳالهائڻ کان بچي، اهو شيطان تي غالب رهندو آهي۔

الله پاڪ اسان کي به گھٽ ڳالهائڻ، صِرف ضرورت جي ڳالھ زبان مان ڪڍڻ ۽ فُضُول بَڪ بَڪ کان بچي پنهنجي زبان کي ذڪر و درود سان تَر رکڻ جي توفيق عطا فرمائي۔

اٰمِیْن بِجَاہِ النَّبِیِّ الْاَمِیْن صلَّی اللہ علیہ واٰلہٖ وسلَّم 

یا ربّ نہ ضرورت کے سوا کچھ کبھی بولوں            اللہ زباں کا ہو عطا قفل مدینہ

ہر لفظ کا کس طرح حساب آہ! میں دوں گا             اللہ زباں کا ہو عطا قفل مدینہ

(وسائل بخشش، صفحہ:93)

صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                                                        صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد