Book Name:Achi Aur Buri Mout

ماڻهو غفلت ۾ آهن

الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ ارشاد فرمائي ٿو:

اِقْتَرَبَ لِلنَّاسِ حِسَابُهُمْ وَ هُمْ فِیْ غَفْلَةٍ مُّعْرِضُوْنَۚ(۱)  (پاره17،سورةالانبيا:1)

ترجمو ڪنزالايمان: ماڻهن جو حساب ويجهو آهي ۽ اهي غفلت ۾ منهن ڦيريندڙ آهن.

سُلطان العارِفِين، حضرت سيدنا شيخ سلطان باهو رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: اي دُنيا جا طلب گار! تو الله پاڪ جي محبت، آخرت جي نعمتن، جنّت جي هميشه رهڻ وارين خوشين ڀري پُرسڪون زِندگي جي بدلي ۾ دُنيا جي عارِضي، فاني عيش ۽ عِشرت کي اپنائي ورتو آهي، توکي اهو مشورو ۽ دلاسو ڪنهن ڏنو جو تو ايڏي نقصان جو سودو ڪيو، تنهنجي اها دُنياوي زِندگي ڇا آهي؟ اها ته ايئن گذري ويندي جيئن پاڻي ۾ پتاشو (هڪ قسم جي مٺائي جيڪا کنڊ سان ٺهندي آهي) ڳري ويندو آهي، پوءِ تو کي تنگ ۽ اونداهي قبر ۾ ليٽايو ويندو جتي تون پاسو به نه بدلي سگھندين، پوءِ مالڪ حقيقي يعني الله پاڪ توکان ايترو سخت حساب طلب ڪندو جنهن ۾ مَعمُولي به ڪمي بيشي نه ٿيندي، توکي زندگي جي هڪ هڪ گھڙي جو حساب ڏيڻو پوندو۔ (ابیاتِ باہُو، صفحہ:325، ملخصاً)

اي عاشقانِ رسول! غور فرمايو! اهو ڪيڏي بيوسي وارو ڏينهن هوندو، ڪيڏي بيڪسي هوندي، اسان ڪيترا لاچار هونداسين جڏهن مَلَڪ المَوت عَلَيۡهِ السَّلَام ايندو، ساھ اٽڪڻ لڳندو، آخري هڏڪي ايندي ۽ رُوح جسم مان جُدا ٿي ويندو۔ افسوس! ان ڏينهن نه ڪنهن بادشاھ جي بادشاهي ان کي بچائي سگھندي، نه ڪنهن غريب جي غُربت تي تَرس ڪيو ويندو، نه ڪنهن جو زور هلي سگھندو، نه ڪنهن ڪمزور جي ڪمزوري جو عُذر مڃيو ويندو۔ شيخِ طريقت، امير اهلسنت، باني دعوتِ اسلامي حضرت علامه مولانا ابو بلال محمد