Book Name:Achi Aur Buri Mout

بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون   

حديثِ پاڪ ۾ آهي: اَلنِّیَّۃُ الْحَسَنَۃُ تَدْخُلُ صَاحِبَہَا الْجَنّۃَ سچي نيت ٻانهي کي جنت ۾ داخل ڪري ڇڏيندي آهي. (جامع صغیر، صفحہ:81، حدیث:1284)

 

     اي عاشقانِ رسول! چڱي نيت جَنّت ۾ پهچائي ڇڏيندي آهي۔ هر نيڪ ۽ جائِز ڪم کان پهريان سٺيون نيتون ڪرڻ گھرجن! هن سان عَمَل جو ثواب وڌي ويندو آهي۔ اچو! بيان ٻڌڻ جون ڪجھ سٺيون نيتون ڪيون ٿا، مان نيتون ڪرايون ٿو، اوهان دِل ۾ ارادو ڏسو ته اِنۡ شَآءَ الله چئي ان جو اظهار ڪريو: * عِلۡم دين سکڻ جي لاءِ سڄو بيان ٻڌندس * عِلمِ دين جو ادب ڪندي اَدَب سان ويهندس * بيان جا اَهم نڪتا (Points) لکي وٺندس * بيان جون جيتريون ڳالهيون ياد رهجي ويون، گھر وڃي گھروارن کي، ٻارن کي، دوست احباب کي ٻڌائي عِلم دِين ڦهلائڻ جو ثواب ڪمائيندس۔

صَلُّوۡا عَلَي الۡحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

اي عاشقانِ رسول! سوره بقره قرآنِ ڪريم جي ٻي ۽ سڀ کان وڏي سُورت آهي، هن ۾ 40 رڪوع ۽ 286 آيتون آهن، اها مبارڪ سُورت پهرين سيپاري کان شروع ٿي ٽئين سيپاري جي نصف (اڌ) کان ڪجھ پهريان مڪمل ٿئي ٿي، هن سورہ مبارڪه ۾ الله پاڪ اڳوڻين اُمّتن جو احوال بيان ڪيو آهي، نماز ۽ قبلي جا اَحڪام، روزو، حج، زڪوٰة، نڪاح طلاق وغيره جا اَحڪام پڻ بيان ٿيا آهن ۽ ان کان عِلاوه به کوڙ اَهم  مضمون هن سورتِ پاڪ ۾ شامِل آهن، امام جلال الدين سيوطي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: سوره بقره ۾ هڪ هزار اَوَامِر (يعني اَحڪام) ۽ هڪ هزار نَوَاهي (يعني ممانعت جا اَحڪام) آهن، (تفسیر قُطَفُ الْاَزْھَار، سورۂ بقرہ، صفحہ:157) هنن هڪ هزار اَحڪامن مان هڪ حڪم اهو آهي جيڪو سوره بقره جي آيت: 281 ۾ ڏنو ويو، ارشاد ٿئي ٿو: