Achi Aur Buri Mout

Book Name:Achi Aur Buri Mout

آهن، جن مان هڪ موبائل ايپلي ڪيشن آهي :Muslim's Funeral۔ (مُسلِم فونرل)۔ هن موبائل ايپلي ڪيشن ۾ مَيت جي غُسل و ڪفن ۽ دفن وغيره جي باري ۾ اهم ترين معلومات فراهم ڪئي وئي آهي ۽ هڪ خاص ڳالھ اها آهي ته مَيت کي غُسل ڪيئن ڏيڻو آهي، ڪفن ڪيئن پارائڻو آهي، ان جي عملي طريقي جي لاءِ (ايني-ميٽڊ ويڊيوز) Animated Videos به شامِل آهن۔

اوهان به اها موبائِل ايپلي ڪيشن پنهنجي موبائل ۾ انسٽال ڪريو ۽ ٻين کي به ان جي ترغيب ڏياريو۔

صَلُّوا عَلَي الحَبيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

        پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي اختتام ڏانهن آڻيندي سُنّت جي فضيلت ۽ چند آدابِ زندگي بيان ڪرڻ جي سَعَادت حاصِل ڪيان ٿو۔ هڪ ڏينهن تاجدارِ رسالت، شهنشاھ نبوت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ٽي ڀيرا فرمايو: منهنجي نائِب تي الله پاڪ جي رَحمت وسي۔ عَرض ڪيو ويو: حُضُور! اوهان جا نائِب ڪير آهن؟ فرمايائون: منهنجي سُنّت سان مَحبَّت ڪرڻ ۽ ٻين کي سيکارڻ وارا۔ (جامع بیانِ عِلْم، بَابُ:عِلْم کے فضائل، جلد: 1صفحہ:201، حدیث:220)

سُنّت    کے    مطابق    میں   ہر   اِک   کام   کروں   کاش!                 تُو    پیکرِ     سُنَّت    مجھے    اللہ    بنا دے

(وسائل بخشش، صفحہ:118)