Achi Aur Buri Mout

Book Name:Achi Aur Buri Mout

ٿيندو يا سخت شِدَّت سان رُوح بدن مان ڇڪيو ويندو، هاءِ! اسان جي قبر ۾ گل ٽڙندا يا باھ ٻاري ويندي، اسان جي قبر حدِّ نِگاھ تائين ڪشادي ڪئي ويندي يا ايتري تنگ جو پاسراٽيون هڪ ٻي ۾ ملي وينديون، افسوس! افسوس...! اسان کي خبر ناهي ته اسان جي قبر جنّت جي باغن مان باغ بڻجندي يا جهنّم جي کڏن مان هڪ کڏ ٺاهي ويندي۔

اندھیری قبر کا دِل سے نہیں نکلتا ڈر                     کروں گا کیا جو تُو ناراض ہو گیا یارَبّ!

گنہگار ہوں میں لائقِ جہنّم ہوں                              کرم سے بخش دے مجھ کو نہ دے سزا یارَبّ!

(وسائل بخشش، صفحہ:78)

 پيارا اسلامي ڀائرو! اچو! چڱي ۽ بُري موت جي حوالي سان ٻه 2 عبرتناڪ حديثون ٻڌون ٿا: (1): حضرت ابوهريره رَضِىَ اللهُ عَنۡه کان روايت آهي، سرڪارِ عالي وقار، مڪي مديني جي تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: سڪرات مهل انسان وٽ ملائڪ ايندا آهن، جيڪڏهن اهو شخص نيڪ هجي ته ملائڪ چوندا آهن: اي پاڪ رُوح! نڪر...!! تون پاڪ جسم ۾ رَهين، هاڻي ساراھ جوڳو ٿي نڪر، تنهنجي لاءِ راحت و مَسَرَّت ۽ پاڪيزه رِزق جي خوشخبري آهي ۽ اها به ته تنهنجو رَبّ تو کان ناراض نه آهي۔ ملائڪ اهڙي طرح چوندا رهندا ايستائين جو رُوح جِسم مان جُدا ٿي ويندو آهي، (ابن ماجہ، کتاب :الزہد،باب:ذکر الموت،صفحہ:690، حدیث:4262) (سُبحٰنَ الله! خبر پئي ته مؤمن نيڪوڪار جي رُوح کي ڇڪي ڪڍڻ جي ضرورت ناهي پوندي بلڪه هو بشارتون ٻڌي خود بخود جسم مان نڪري ايندو آهي) (مرآۃ المناجیح، جلد:2، صفحہ:448) سرڪارِ عالي وقار، ٻنهي جھانن جي مالِڪ ومختار
صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ وڌيڪ فرمايو: پوءِ ان نيڪ ٻانهي جي رُوح کي آسمان ڏانهن کڻي ويندا آهن، ان جي لاءِ آسمان جا دروازا کوليا ويندا آهن، آسمان جا ملائڪ پڇندا آهن: اهو ڪير آهي؟ رُوح کڻي وڃڻ وارا ملائڪ ٻُڌائيندا آهن: اهو فلاڻو آهي۔