Book Name:Achi Aur Buri Mout
جب اس بزم سے چل دئیے دوست اکثر اور اٹھتے چلے جا رہے ہیں برابر
یہ ہر وقت پیشِ نظر جب ہے منظر یہاں پر ترا دِل بہلتا ہے کیوں کر
جگہ جی لگانے کی دُنیا نہیں ہے
یہ عبرت کی جا ہے تماشا نہیں ہے
هڪ نهايت ظالم حڪمران گذريو آهي: حجاج بن يوسُف۔ ان جي فوج جو هڪ سپه سالار هو، جنهن جو نالو مُهلِب هو۔ هڪ ڏينهن مُهلِب ريشمي ڪپڙا پائي، آڪڙجي تڪبر ڪندو هلي رهيو هو، حضرت مُطرِف بِن عبد الله رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ان کي ايئن تڪبراڻي انداز ۾ هلندي ڏٺو ته دِل ۾ نيڪي جي دعوت جو جذبو بيدار ٿيو، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه مُهلِب جي ويجھو وڃي فرمايو: اي خُدا جا ٻانها! هلڻ جو اهو انداز الله پاڪ جي ناپسنديده ٻانهن جو ۽ رسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي دُشمنن جو آهي۔
مُهلِب فوج جو سپه سالار هو، عهدي ۽ منصب جو نشو ان جي مٿي تي سُوار هو، جڏهن ان ڏٺو ته هڪ شخص ان کي نصيحت ڪري رهيو آهي ته ڪاوڙجي چيائين: ڇا تون مون کي سڃاڻين نٿو ته مان ڪير آهيان! حضرت مُطرِف بِن عبد الله رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه به ماشَآءَ الله الڪرِيم! زِندھ دِل هئا، پاڻ نرمي سان ارشاد فرمايائون؛ هائو، مان توکي سڃاڻان ٿو، اَوَّلُکَ نُطْفَۃٌ مَذِرَۃٌ تون پهريان هڪ ناپاڪ نطفو هئين، وَآخِرُکَ جِیْفَۃٌ قَذِرَۃٌ انتها ۾ تون هڪ گندو مردار ٿي ويندين، وَاَنْتَ بَیْنَ ذَالِکَ تَحْمِلُ الْعَذِرَۃَ ۽ انهن ٻنهي حالتن ۾ تون پيٽ ۾ گندگي کڻي هلين ٿو۔ اهو ٻُڌي مُهلِب جو عقل ٺڪاڻي اچي ويو، ان تڪبر واري چال ڇڏي ۽ اڳتي روانو ٿي ويو۔ (مکاشفۃ القلوب (مترجم)، صفحہ:323)
اي عاشقانِ رسول! خبر پئي ته تڪبر جو نشو، خود پسندي جو نشو، طاقت ۽ قُوَّت، عهدي ۽ منصب جي وڏائي، مال ۽ دولت جو نشو اسان جي ذهن مان