Book Name:Taqat-e-Mustafa

وهم و گمان ۾ به نه هو ته ان جھڙي ڪنڌار پهلوان جو اهڙو حشر ٿيندو۔ پر اڃا به هو شڪست قبول ڪرڻ جي لاءِ تيار نه هو۔ ٽئين ڀيري وري ڪشتي وڙهڻ جي درخواست ڪئي جيڪا پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ قبول ڪئي۔ ٽئين ڀيري به شڪست ان جو مقدر ٿي ۽ هو پاڻ عَلَيه الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام جي زورِ بازو جي تاب نه سهي ڪري پيو ۽ چيائين: اهو سڀ ڪجھ اوهان نه ڪيو بلڪ اوهان جي غالب ۽ قادر معبود الله ئي ڪيو آهي جڏهن ته منهنجي خدائن مون کي رسوا ڪيو آهي۔ (دلائل النبوۃ للاصبهاني، الفصل التاسع عشر ، ذڪر خبر رڪانۃ، ۲/ ۲۳۵ماخوذاً)

   هتي اها ڳالهه به ملي ٿي ته رڪانه پهلوان چيو هو ته جيڪڏهن اوهان مون کي ڪيرائي ڇڏيو ته مان مسلمان ٿي ويندس ته پوءِ رڪانه مسلمان ٿي ويو، يعني انهيءَ وقت اسلام کڻي آيو جڏهن ته هڪ روايت جي مطابق ان فتحِ مڪه جي ڏينهن اسلام قبول ڪيو هو. (شرح الزرقانی علی المواہب،الفصل الثانی فیما اکرمہ اللہ...الخ، ۶/۱۰۲)   

شهزادهءِ اعليٰ حضرت، مفتي اعظمِ هند مولانا مُصطفيٰ رضا خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه ڇا ته خوب فرمائن ٿا:

سب سے اعلیٰ عزّت والے                          غلبہ و قہر و طاقت والے

حُرمت والے کرامت والے                      تم پر لاکھوں سلام

تم پر لاکھوں سلام

ظاہر باہِر سیادت والے                                 غالب قاہر ریاست والے

قوت والے شہادت والے                           تم پر لاکھوں سلام

تم پر لاکھوں سلام

بگڑی ناؤ کون سنبھالے                               ہائے بھنور سے کون نکالے

ہاں ہاں زور و طاقت والے                           تم پر لاکھوں سلام

تم پر لاکھوں سلام

(سامانِ بخشش، ص۸۹-۹۰)