Book Name:Taqat-e-Mustafa

جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو. ([1])

اچو! شيخ طريقت،امير اهلسنّت دَامَتْ بَـرَکَاتُهمُ الْعَالِيه جي رسالي 101مدني گل مان سمهڻ جاڳڻ جون سنتون ۽ آداب ٻڌون ٿا:

سمهڻ جاڳڻ جون سنتون ۽ آداب

٭ سمهڻ کان اڳ ۾ بستري کي چڱي طرح ڇنڊيو ته جيئن ڪا ايذاءُ ڏيندڙ شيء وغيره هجي ته نڪري وڃي ٭ سمهڻ کان اڳ هيءَ دعا پڙهي وٺو؛ اَللّٰھُمَّ بِاسْمِکَ اَمُوْتُ وَ اَحْیَا ترجمو؛ اي الله! مان تنهنجي نالي سان ئي مران ٿو ۽ جيان ٿو (يعني سمهان ٿو ۽ جاڳان ٿو) (بخاري، حديث 6325 ج 4 ص 196) ٭ عصر کان پوءِ نه سمهو عقل ختم ٿيڻ جو ڊپ آهي۔ فرمان مصطفي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ؛ ”جيڪو شخص عصر کان پوءِ ستو ان جو عقل ختم ٿي ويو ته پاڻ کي ملامت ڪري۔“ (مسند ابي يعليٰ ج 4 ص 278 حديث 4897) ٭ منجهند جو قيلولو (ڪجھ دير ليٽڻ) مستحب آهي۔ (فتاويٰ هندية،۵/۳۷۶) ٭ صدرُالشَّريعه، بدرُالطريقه حضرت علامه مولانا محمد امجد علي اعظمي رَحْمَةُ اللّٰه عَلَيه فرمائن ٿا؛ غالباً هي انهن ماڻهن جي لاءِ هوندو آهي جيڪي رات جو جاڳندا آهن، رات جو نمازون پڙهندا آهن، ذِڪر اِلـٰهي ڪندا ۽ ڪتاب پڙهڻ يا مطالعو ڪرڻ ۾ مشغول رهندا آهن ته جيئن رات جو جاڳڻ ۾ جيڪا ٿڪاوٽ ٿي سا قيلولي سان ختم ٿي وڃي۔ (بهارشريعت ج 3 ص 435) ٭ڏينهن جي ابتدائي حصي ۾ سمهڻ يا مغرب ۽ عشاء جي وچ ۾ سمهڻ مڪروهه آهي۔ (عالمگيري ج 5 ص 376) ٭ سمهڻ لاءِ مستحب اهو آهي ته پاڪائي سان سمهي ۽ ٭ ڪجھ دير ساڄي پاسي هٿ ڳل جي هيٺان رکي قبلي ڏانهن منهن ڪري سمهي ۽ ان کان پوءِ کاٻي پاسي سمهي۔ (ايضا) ٭ سمهڻ وقت قبر ۾ سمهڻ کي ياد ڪري ته اُتي اڪيلو سمهڻو پوندو عملن کان سواءِ ڪير به گڏ نه هوندو ٭ سمهڻ وقت يادِ خدا ۾ مشغول هجي، تهليل، تسبيح ۽ تحميد پڙهي۔ (يعني لَآ اِلٰـہَ اِلَّا اللهُ، سُبْحٰنَ الله ، ۽ اَلْحَمْدُ لِلّٰہ جو وِرد ڪندو رهي) ايستائين جو سمهي پوي انسان جنهن


 

 



[1]مشکاۃ الصابیح،کتاب الایمان،باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ،۱/۹۷،حدیث:۱۷۵