Book Name:Taqat-e-Mustafa

عَلَيۡه حضرتِ جبريل امين عَلَيه السَّلَام جي ترجماني ڪندي ڇا خوب فرمائن ٿا:

یہی بولے سدرہ والے چمنِ جہاں کے تھالے

سبھی میں نے چھان ڈالےترے پایہ کا نہ پایا

تجھے یک نے یک بنایا

(حدائقِ بخشش،ص۳۶۳)

اي عاشقانِ رسول! حضرت جابر رَضِىَ اللهُ عَنْه جي واقعي تي غور ڪريو! اسان جو معاملو اهو آهي ته جيڪڏهن اسان وٽ کاڌو گھٽ هجي ۽ کائڻ وارا ماڻهو گھڻا ٿي وڃن ته کاڌي جي مقدار وڌائڻ کان علاوه ٻيو ڪو چارو ناهي هوندو، تقريبًا چار ڪلو اٽو ۽ ٻڪري جو ٻچو چاهي ڪيترو به صحت مند هجي مشڪل سان پنجاھ سٺ ماڻهن جي پيٽ ڀري کائڻ جو سامان بڻجي سگھي ٿو۔ پر نبي رحمت، شفيعِ امت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي لعابِ دهن جي برڪت سان ايترو کاڌو نه صرف صحابه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان جي مڪمل جماعت کي پورو ٿي ويو بلڪ جيترو پچايو هو اوترو ئي باقي بچيل رهيو۔ ۽ پوءِ ٻڪري جي بچيل هڏين تي ڪجھ پڙھيائون ته اها گوشت ۽ کل سميت پهريان جھڙي ٻڪري ٿي ڪن ڇنڊيندي بيهي رهي، اها حڪايت سرڪارِ مدينه، قرارِ قلب و سينه صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ڪيئي ڪمالات جي جامع آهي۔  

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

12 مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم ”مسجد درس“

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اڄ جي هن دور ۾ دعوتِ اسلامي جي مدني تحريڪ عشقِ رسول ۽ محبتِ رسول جا جام ڀري ڀري پيئاريندي آهي، اوهان به هن مدني ماحول سان وابسته ٿي وڃو ۽ ذيلي حلقي جي 12 مدني ڪمن ۾ شرڪت ڪرڻ وارا بڻجي وڃو۔ اميرِ اهلسنت دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه روزانو گھٽ مان گھٽ 2 ڪلاڪ مدني ڪمن جي لاءِ ڏيڻ جي ترغيب اِرشاد فرمائي آهي۔ يقيناً جيڪو جيترو وڌيڪ وقت ڏيندو، اِنْ شَاۤءَ الله ان جي لاءِ ثواب ڪمائڻ جا موقعا به