Book Name:Taqat-e-Mustafa

وري ٽئين ڀيري ان ڪشتيءَ  جي لاءِ للڪاريو۔ پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ان جو چيلنج قبول فرمائي ورتو ۽ ڪُشتي وڙهي ان کي ايترو زور سان زمين تي هنيو جو هو پٺيءَ ڀر وڃي ڪريو۔ ان باقي هڪ سؤ ٻڪرين کي به پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي خدمت ۾ پيش ڪري ڇڏيو۔ پر چوڻ لڳو ته اي محمد! سڄو عرب شاهد آهي ته اڄ تائين ڪو پهلوان مون کي ناهي هارائي سگھيو پر اوهان ٽي ڀيرا مونکي جھڙي نموني ڪُشتيءَ ۾ هارايو آهي هن سان منهنجي دل مڃي وئي آهي ته يقيناً اوهان خدا جا نبي آهيو، اهو چيائين ۽ ڪلمو پڙهي دامنِ اسلام ۾ اچي ويو۔ حضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ان جي مسلمان ٿيڻ سان بيحد خوش ٿيا ۽ ان جون ٽي سؤ ٻڪريون واپس موٽائي ڏنيون۔ (زرقاني علي المواهب،الفصل الثاني فيما اڪرمه الله ...الخ ،۶/۱۰۳)

حُسْن ہے بے مِثْل صورت لاجواب                                میں فِدا تم آپ ہو اپنا جواب

ہیں دعائیں سنگِ دشمن کا عوض                      اس قدر نرم ایسے پتھر کا جواب

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

 پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! هن روايت مان معلوم ٿئي ٿو ته پياري آقا، مديني واري مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم پنهنجي نگاھِ مصطفيٰ سان ڄاڻي ورتو هو ته جيڪڏهن يزيد بن رُڪانه سان اهڙو سلوڪ ڪيو ويندو ته اهو ايمان آڻيندو، انهيءَ ڪري پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم انهن سان مقابلو فرمايو ۽ بعد ۾ سموريون ٻڪريون تحفي طور واپس ڪري ڇڏيون. انهيءَ حسن سلوڪ جي بدولت اهو ايمان کڻي آيو. بهرحال اهي واقعا تربيت جي زماني جا آهن، اسان انهن کي دليل طور نٿا پيش ڪري سگهون. هاڻي اسان کي هرحال ۾ هر ان ڪم کان بچڻو آهي جنهن کان شريعت منع ڪري ٿي.

جُوا جي تعريف ۽ ان جون ڪجھ صورتون: 

افسوس! صد ڪروڙ افسوس! اڄڪلھ مسلمانن ۾ جيڪي حرام ڪم تيزي سان ڦهلجي رهيا آهن، انهن مان هڪ جوا به آهي. جوا جون ڪجھ اهڙيون به صورتون آهن جو ماڻهو لاعلمي جي ڪري انهن ۾ مبتلا ٿي ويندا آهن. جوا