Book Name:Taqat-e-Mustafa

به ڏيندا رهيا، الله ڪريم جي فضل و ڪرم سان هو هفتيوار سُنتن ڀري اجتماع ۾ شريڪ ٿي ويو، سُنتن ڀري اجتماع ۾ مبلغِ دعوتِ اسلامي جو بيان پوءِ ذِڪرُ الله ۽ آخر ۾ رقت انگيز دعا ته ان جي دل جي دنيا ئي بدلي ڇڏي۔اَلْحَمْدُلِلّٰه! ان سچي دل سان توبه ڪئي ۽ سُنّتن ڀري زندگي گذارڻ جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي پاڪيزه ماحول سان وابسته ٿي ويو۔

ہے تجھ سے دعا ربِّ اکبر! مقبول ہو’’فیضانِ سُنّت‘‘                مسجِد مسجِد گھر گھر پڑھ کر،اسلامی بھائی سناتا رہے

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اسان آقا عَلَيه الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام جي جسماني طاقت جي باري ۾ ٻڌي رهيا هئاسين۔ يقيناً الله ڪريم پنهنجي پياري محبوب عَلَيه الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام کي بي مثال طاقت عطا فرمائي هئي جنهن جو ڪائنات ۾ ڪو مثال نٿو ملي، اهو ئي سبب هو جو وڏي کان وڏو پهلوان پاڻ عَلَيه الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام کان مقابلي جي سگھ نه رکندو هو، اچو هن باري ۾ ٻه واقعا ٻڌون ٿا:

يزيد بن رُڪانه سان مقابلو

  (1) بيان جي شروع ۾ اسان رُڪانه پهلوان جو واقعو ٻڌو هو۔ ان جو هڪ پٽ هو جنهن جو نالو يزيد هو، هو به ناليوارو پهلوان هو۔ هڪ ڀيري هو ٽي سؤ ٻڪريون ڪاهي بارگاھِ نبوت ۾ حاضر ٿيو ۽ چيائين ته اي  محمد!( صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ) اوهان مون سان ڪُشتي وڙهو۔ رسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايائون ته جيڪڏهن مان توکي ڪيرائي وڌو ته تون مون کي ڪيتريون ٻڪريون انعام ۾ ڏيندين؟ ان چيو ته هڪ سؤ ٻڪريون مان اوهان کي ڏيندس۔ حضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ تيار ٿي ويا ۽ ان سان هٿ ملائيندي ئي ان کي زمين تي ڪيرائي ڇڏيو ۽ هو حيرت وچان پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو منهن ڏسڻ لڳو ۽ واعدي جي مطابق هڪ سو ٻڪريون ان پاڻ ڪريمن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي ڏئي ڇڏيون۔ وري ٻيهر ان ڪُشتي وڙهڻ جي لاءِ چيلنج ڏنو۔ رسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ٻئين ڀيري به ان کي هارائي ڇڏيو۔ ان وري هڪ سؤ ٻڪريون پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي ڏنيون۔