Book Name:Taqat-e-Mustafa

ايتري قدر گھڻا هوندا۔ اِنْ شَــآءَالـلّٰـه 

ذيلي حلقي جي 12 مَدَني ڪمن مان روزانو جو هڪ مَدَني ڪم ”مسجد درس“ به آهي۔ ٭”مسجد درس“ سان مسجدون آباد ٿين ٿيون۔ ٭ ”مسجد درس“ سان انفرادي ڪوشش ڪرڻ جو موقعو ملندو آهي۔٭ ”مسجد درس“ سان نمازين جي تعداد ۾ اضافو ٿيندو آهي۔٭ ”مسجد درس“ جي برڪت سان ڀلائي جون ڳالهيون سکڻ سيکارڻ جو موقعو ملندو آهي۔ ڀلائي جون ڳالهيون سکڻ سيکارڻ جي ته ڇا ڳالھ ڪجي، جيئن

منقول آهي ته الله ڪريم حضرتِ سَيدُنا مُوسيٰ عَلَيه السَّلَام ڏانهن وَحي فرمائي: ڀلائي جون ڳالهيون پاڻ به سکو ۽ ٻين کي به سيکاريو، مان ڀلائي سکڻ ۽ سيکارڻ وارن جي قبرن کي روشن فرمائيندس ته جيئن انهن کي ڪنهن قسم جي وَحشت نه ٿئي۔ (حِليۃُ الاَولِياء،۶/۵،حديث:۷۶۲۲) بيان ڪيل روايت مان معلوم ٿيو ته سٺين سٺين نيتن سان سُنَّتن ڀريو بيان ڪرڻ يا درس ڏيڻ ۽ ٻڌڻ وارن جا ڀاڳ کلي پوندا آهن، اِنْ شَآءَالله اُنهن جون قبرون اَندر کان جڳمڳ جڳمڳ ڪري رهيون هونديون ۽ انهن کي ڪنهن قسم جو خوف محسوس نه ٿيندو۔ اچو! ترغيب لاءِ ”مسجد درس“ جي هڪ مدني بهار ٻڌون ٿا، جيئن

مدني بهار

تعلقو ڀلوال (پنجاب، پاڪستان) جو رهائشي هڪ اسلامي ڀاءُ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته ٿيڻ کان پهريان بدمذهبيت جي تاريڪ وادين ۾ ڀٽڪي رهيو هو، بدمذهبن جي صحبت جي نحوست جو رنگ ايتري قدر غالب هو جو دعوتِ اسلامي جي نالي سان به چِڙ هئي، ان جا ڏينهن رات انهيء بغض و عناد ۾ گذري رهيا هئا، هڪ ڏينهن هو پنهنجي پاڙي جي مسجد ۾ مغرب نماز جي ادائيگي جي لاءِ ويو، نماز کان پوءِ مسجد ۾ درس (درسِ فيضانِ سُنّت) ٿي رهيو هو، ان جي خوش قسمتي جو هو درس ۾ شريڪ ٿي ويو۔ ان کان پوءِ ان اسلامي ڀاءُ سان جهيڙي واري انداز ۾ بحث مباحثو شروع ڪيائين پر هو اسلامي ڀاءُ گھڻي پياري انداز ۾ دعوتِ اسلامي جي ماحول جون برڪتون ٻڌائڻ سان گڏوگڏ سُنّتن ڀري اجتماع ۾ شرڪت جو ذهن