Book Name:Taqat-e-Mustafa

چوندا ڪنهن آهن؟ پهريان اهو به ٻڌي وٺو: هر اها راند جنهن ۾ اها شرط هجي ته مغلوب(يعني ناڪام ٿيڻ واري ) جي ڪاشيءِ غالب(يعني ڪامياب ٿيڻ واري) کي ڏني وڃي اها ”قِمار“ (يعني جوا) آهي. (التّعریفات ص ۱۲۶)

ياد رکو! جوا حرام ۽ جهنم ۾ وٺي وڃڻ وارو ڪم آهي. اڄ معاشري ۾ ڪيئي طرح سان جوا جون صورتون رائج آهن. جيئن موبائل تي مختلف سوالن تي مشتمل ميسيج موڪليا ويندا آهن، جنهن ۾ مثلاً ڪهڙي ٽيم ميچ کٽيندي؟ يا پاڪستان ڪهڙي ڏينهن بڻيو هو؟ صحيح جواب ڏيڻ وارن لاءِ مختلف انعام رکيا ويندا آهن، شرڪت ڪرڻ وارن جي”موبائل بيلنس“ مان ڪجھ رقم مثلاً 10 روپيه ڪٽي ويندي آهي، جن جو انعام ناهي نڪرندو انهن جي رقم ضايع ٿي ويندي آهي، اها به جوا آهي جيڪو حرام ۽ جهنم ۾ وٺي وڃڻ وارو ڪم آهي. انهيءَ طرح اسان وٽ هتي مختلف رانديون مثال طور گهوڙا ڊورائڻ، ڪرڪيٽ، ڪيرم، بِليرڊ، تاس، شطرنج، وغيره ٻن ڌرين وچ ۾ شرط لڳائي کيڏيون وينديون آهن ته هارڻ وارو کٽڻ واري کي ايتري يا فلاڻي شيءِ ڏيندو(يا کاڌو کارائيندو وغيره) هي به جوا آهي ۽ ناجائز ۽ حرام آهي. ڪيرم ۽ بليرڊ ڪلب وغيره کيڏندي وقت عام طور اها شرط لڳائي ويندي آهي ته ڪلب جي مالڪ جي فيس هارڻ وارو ادا ڪندو، اها به جوا آهي. ڪجھ”نادان“ گهرن ۾ مختلف راندين مثلاً تاس يا ڇڪي راند تي ٻه ڌريون شرط لڳائي کيڏنديون آهن ۽ علم جي ڪمي جي سبب هن ۾ ڪو حرج ناهن سمجهندا، اهي به سنڀلجي وڃن ته اها به جوا آهي ۽ جوا حرام ۽ جهنم ۾ وٺي وڃڻ وارو ڪم آهي. جيڪڏهن ڪو ان ۾ مبتلا ٿيو هجي ته ان کان فوراً توبه ڪرڻ گهرجي ۽ جوا جي ذريعي حاصل ڪيل رقم کي ڪهڙي طرح واپس ڪرڻو آهي. هن بابت مفتيانِ ڪرام سان رهنمائي ورتي وڃي. الله پاڪ اسان کي هر طرح جي گناهن کان محفوظ فرمائي.

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

ابوالاسود سان مقابلو