Book Name:Taqat-e-Mustafa

ترجمو: جيڪڏهن اسان هي قرآن ڪنهن جبل تي لاهيون ها ته ضرور تون ان کي جهڪيل، الله جي خوف کان ذرا ذرا ڏسين ها

(پ۲۸، الحشر :۲۱)

تفسيرِ صراط الجنان ۾ هن آيت ڪريمه جي حوالي سان لکيل آهي: يعني قرآن ڪريم جي عظمت ۽ شان اهڙي آهي ته جيڪڏهن ان کي ڪنهن جبل تي لاهي ها ۽ ان کي انسان جهڙي سمجھ عطا فرمائي ها ته انتهائي سخت ۽ مضبوط هئڻ جي باوجود توهان ان کي ضرور جهڪيل ۽ الله پاڪ جي خوف سبب ريزا ريزا ٿيندي ڏسو ها. ( مدارک، الحشر، تحت الآیۃ: ۲۱، ص۱۲۲۸، خازن، الحشر، تحت الآیۃ: ۲۱، ۴/۲۵۳، ملتقطاً) هن آيتِ مبارڪه مان اشاري طور معلوم ٿيو ته حضور انور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو قلب شريف جبل کان به وڌيڪ طاقتور ۽ مضبوط آهي ڇوته پاڻ ڪريمن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي الله پاڪ جو خوف ۽ اسرارِ اِلاهي سان واقفيت ڪامل طريقي سان حاصل ٿيڻ جي باوجود حضور پنهنجي مقام تي قائم آهن.

ياد رهي ته هتي آيتِ ڪريمه ۾ قرآن ڪريم مان مراد الله پاڪ جو ڪلام آهي ۽ لاهڻ مان مراد هن ڪلام کي ان جي عظمت جي ظهور سان لاهڻ مراد آهي يعني جيڪڏهن اسان قرآنِ ڪريم کي ان جي عظمت ظاهر ڪندي جبل تي لاهيون ها ته ان جي تجلين کي سهي نه سگهي ها ۽ ڦاٽي پوي ها. (صراط الجنان،پ ۲۸،الحشر،تحت الآیۃ :۲۱،۱۰/۹۳ ملخصاً)

چاند اشارے کا ہِلا حکم کا باندھا سورج                              واہ کیا بات شہا تیری توانائی کی

(حدائقِ بخشش، ص۱۵۴)

شعر جي وضاحت: يعي سرڪارِ دوعالم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  جي اشاري سان چنڊ جا ٻه ٽڪڙا ٿي پيا ۽ سج واپس عصر جي وقت تي اچي ويو. اهڙا اهڙا ڪمالات ڏسي چوڻو پوندو ته آقا ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي طاقت ۽ توانائي جي ڇا ڳالھ ڪجي.

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                               صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

شعبه اَئِمَّه مساجد