Book Name:Taqat-e-Mustafa

مهڪائي رهيا آهن، ٭ ڪٿي سندن جي وِلادَت جو ذِڪر آهي ته ڪٿي سندن جي ڪمالات جو تذڪرو آهي۔ ٭ ڪٿي سندن سِيرت جو بيان آهي ته ڪٿي سندن مُبارَڪ صُورت جو ذِڪر خير آهي۔٭ ڪٿي عِبادتِ مُصطفيٰ جو بيان آهي ته ڪٿي سلطنتِ مُصطفيٰ جا چرچا آهن۔٭ ڪٿي شَفاعتِ مُصطفيٰ جا تذڪرا آهن ته ڪٿي سندن جي عنايتن جا چرچا آهن۔٭ ڪٿي سندن جي عظمتن جو بيان آهي ته ڪٿي سندن جي رِفعتن (بُلندين) جا تذڪرا آهن۔٭ ڪٿي طا قتِ مُصطفيٰ جو بيان آهي ته ڪٿي شُجاعتِ مُصطفيٰ جا تذڪرا ڪيا پيا وڃن۔ ٭ڪٿي نگاههِ مُصطفيٰ جون ڳالهيون آهن ته ڪٿي عطاءِ مُصطفيٰ جو بيان آهي۔ ٭ ڪٿي خاندانِ مُصطفيٰ جا چرچا آهن ته ڪٿي برڪاتِ نبوت جو بيان آهي۔٭ ڪٿي معجزاتِ مُصطفيٰ جون ڳالهيون آهن ته ڪٿي اَخلاقِ مُصطفيٰ جو بيان آهي۔٭ ڪٿي اِختياراتِ مُصطفيٰ جون ڳالهيون آهن ته ڪٿي نوازشاتِ مُصطفيٰ جو بيان آهي۔٭ ڪٿي هجرتِ مُصطفيٰ جون ڳالهيون آهن ته ڪٿي اِستقبالِ مُصطفيٰ جو بيان آهي ۔ ڄڻ ته ذرّو ذرّو ميلادِ مُصطفيٰ جي برڪتن سان پنهنجو حصو سميٽي رهيو آهي۔ انهيءَ مُناسبَت سان اڄ اسان به رحمت عالم، نورِ مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي جسماني طاقت جي باري ۾ ٻڌنداسين۔

الله پاڪ اسان کي سڄو بيان سٺين سٺين نيتن سان ٻڌڻ جي سعادت نصيب فرمائي۔ اچو! سڀ کان پهريان انهيءَ باري ۾ هڪ واقعو ٻڌون ٿا:

نبي ڪريم ۽ عرب جو مشهور پهلوان

      مڪي جي ويجھو ڳوٺ ۾ رُڪانه نالي پهلوان رهندو هو۔ ان جو نسبي تعلق خاندانِ بنو هاشم سان هو، هو تمام ئي طاقتور، وڏي زور وارو، زبردست رعب ۽ دٻدٻي وارو ۽ مار ڪٽ ڪرڻ وارو شخص هو۔ ”جبل اِضَم جي وچ ۾ هڪ سرسبز وادي هئي جتي هو ٻڪريون چاريندو هو۔ هن وادي ۾ ڪنهن کي چرپر ڪرڻ جي جُرئت نه هوندي هئي۔ ماڻهو ان جي سامهون اچڻ کان لهرائيندا هئا۔ مشرڪن ۽ ٻين اسلام جي دشمنن جي غلط ڳالهين ڦهلائڻ جي ڪري هو رسولِ اڪرم، شاھ بني آدم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سان شديد نفرت جا