Book Name:Taqat-e-Mustafa

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

اسان جو ڪردار ۽ درگذر

       اي عاشقانِ رسول! پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي انهيءَ طرزِ عمل (يعني حُسنِ اَخلاق) کي سامهون رکندي اڄ اسان غورو فڪر ڪريون ته اسان جو اخلاق ڪهڙو آهي، اسان ته سِر جو جواب پٿر سان ڏيڻ پاڻ تي لازم سمجھون ٿا، ڪو اسان سان بداخلاقي سان ڳالھ ڪري ته اسان ان کي ان کان وڌيڪ بداخلاق ٿي ڏيکارڻ پسند ڪيون ٿا، ڪنهن سان ڪا غلطي به ٿي وڃي ۽ هو ان تي معافيون گھرندو وتي تڏهن به اسان ان کي معافي ناهيون ڏيندا۔ اهي سڀ دين کان دوري ۽ جهالت وارا ڪم آهن۔

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

          پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اسان پنهنجي پياري آقا، مديني واري مُصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي جسماني طاقت جي باري ۾ ٻڌي رهيا هئاسين۔ جهڙي طرح ٻين خوبين ۾ آقا عَلَيه السَّلَام جو ڪو مٽ نه هو اهڙي طرح جسماني طاقت ۾ به پاڻ عَلَيه الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام  بي مثل ۽ بي مثال هئا۔ اچو انهيء باري ۾ هڪ ٻيو واقعو ٻڌون ٿا:

چٽان جو ٽٽڻ

مشهور صحابي رسول حَضرتِ سَيدُنا جَابِر رَضِىَ اللهُ عَنْه بَيان ڪن ٿا ته (غَزوَه خَندق جي موقع تي) خَندق (کاهي) کوٽڻ مهل اوچتو هڪ اهڙي چَٽان ظاهر ٿئي جيڪا ڪنهن کان به نه پئي ٽُٽي۔ جڏهن اسان بارگاھ رِسَالَت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ۾ اها ڳالهه عَرض ڪئي ته پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ اُٿيا، ٽن ڏينهن جي بُک هئي ۽ پيٽ مُبارَڪ تي پٿر ٻڌل هو، رسول اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ پنهنجي مُبارَڪ هٿ سان پاهوڙو هنيو ته اها چٽان واريءَ جي ذرڙن وانگر ڀورا ڀورا ٿي وئي۔ (بخاري،ڪتاب المغازي،باب غزوة الخندق، الحديث :۴۱۰۱، ۳/۵۱) هڪ ٻي رِوَايت ۾ هيئن به آيو آهي ته پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ان چٽان تي ٽي ڀيرا پاهوڙو هنيو، هر ڌڪ تي