Book Name:Taqat-e-Mustafa

جذبات رکندو هو۔ ان جي دشمني هن حد تائين وڌي وئي جو مَعَاذَالله هو رسول اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي شهيد ڪرڻ لاءِ راضي ٿي ويو۔ اُمّت تي مهربان، ٻنهي جهانن جا سلطان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ڪنهن به قسم جي خطري کي بغير ڪنهن خاطر ۾ آڻيندي هڪ ڏينهن دينِ اسلام جي دعوت جي لاءِ رُڪانه جي وادي ۾ اڪيلا تشريف کڻي ويا۔ اتي رُڪانه به ٻاهر اچي ويو، پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي ڏسي مڇرجي پيو ۽ تڪبر جي نشي ۾ بدمست ٿي چيائين: يامُحَمّدُ!اَنْتَ الَّذِي تَشْتِمُ اٰلِھَتَنَا يعني اي محمد! (صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ) اوهان ئي آهيو جيڪي اسان جي معبودن کي بُرو چئو ٿا؟ ان کان پوءِ هو وڌيڪ ڪاوڙجي پيو ۽ چوڻ لڳو: اي محمد! (صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ) اوهان اسان جي معبودن کي بُرو ۽ ڪمزور چئو ٿا ۽ پنهنجي خدا جي وڏائي بيان ڪريو ٿا۔ جيڪڏهن منهنجو اوهان سان خانداني رشتو نه هجي ها ته اڄ مان اوهان جو ڪم تمام ڪري ڇڏيان ها پر اوهان کي مان بغير مقابلي جي وڃڻ نه ڏيندس۔

ان کان پوءِ رُڪانه رسول ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي پاڻ سان ڪُشتي وڙهڻ جي دعوت ڏني ۽ چيائين: مان پنهنجي خدائن کي سڏيندس ۽ اوهان پنهنجي خدا کي مدد جي لاءِ پڪاريو۔ جيڪڏهن اوهان مون کي هارائي ڇڏيو ته مان اوهان کي ڏھ ٻڪريون ڏيندس۔ رَسُولُ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ان جو چيلنج قبول ڪري ورتو ۽ ان سان ڪشتي وڙهڻ جي لاءِ آماده ٿي ويا۔ پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ رُڪانه جي هٿن ۾ هٿ ڏنا ۽ ان جو چنبو مروڙيائين۔ رُڪانه جا هوش اُڏامي ويا ۽ هو درد سان تڙپڻ لڳو۔ پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ان کي ڌڪو ڏنو ته هو سڪل پَن جيان زمين تي ڪري پيو۔ رُڪانه کي پنهنجي بازو جي قوت تي ناز هو، هو سوچي به نه پئي سگھيو ته حضوراڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ هن طرح ڪجھ لمحن ۾ ان کي اهڙي طرح ڪيرائي وجهندا۔ جيڪو ڪجھ ٿيو ان جي توقع جي خلاف هو پر رُڪانه ان کي اتفاق سمجھندي هار نه مڃي۔ هوش بحال ٿيا ته ان ٻيهر ڪشتي وڙهڻ جي درخواست ڪئي۔ پاڻ عَلَيه الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام ان جي درخواست منظور ڪئي۔ پر ان جو نتيجو به پهريان کان مختلف نه هيو يعني هن ڀيري به هو گھڙي کن ۾ هارجي ويو۔ رُڪانه حيرت ۾ پئجي ويو۔ ان جي