Book Name:Imam Hussain Ki Ebadat

مان تربيت ملي، حضور نبيءِ رحمت، شفيعِ اُمّتصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو خاص فيضان مليو، اهو ئي سبب هو جو  

      حضرتِ امامِ حسينرَضِىَ اللهُ عَنْهعلم ۽ فضل ۾ بي مثل هئا، حضرتِ امامِ حسينرَضِىَ اللهُ عَنْه ايثار ۽ توڪل جا پيڪر هئا، حضرتِ امامِ حسينرَضِىَ اللهُ عَنْهشجاعت ۽ بهادري ۾ بي مثال هئا، حضرتِ امامِ حسين رَضِىَ اللهُ عَنْه تقويٰ ۽ پرهيزگاري جا مالڪ هئا، حضرتِ امامِ حسينرَضِىَ اللهُ عَنْهصدقي ۽ خيرات جا بي مثال نمونا هئا، حضرتِ امامِ حُسينرَضِىَ اللهُ عَنْههر حال ۾ صبر ۽ شڪر جا عادي هئا، حضرتِ امامِ حُسين رَضِىَ اللهُ عَنْه ڀلائي جي ڪمن ۾ وڌ کان وڌ حصو وٺڻ وارا هئا، حضرتِ امامِ حُسينرَضِىَ اللهُ عَنْهعبادت ۽  رِياضت جا پيڪر هئا، حضرتِ امامِ حُسينرَضِىَ اللهُ عَنْه فرضن جي ادائيگي سان گڏوگڏ نفل عبادت ۽ ڪثرت سان تلاوتِ قرآن جا شوقين هئا، ايستائين جو کوڙ روايتن ۾ سندن جي عبادت ۽ رياضت، نفل نمازن ۽ ڀلائي جي ڪمن ۾ وڌ کان وڌ حصو وٺڻ جو تذڪرو ملي ٿو، اچو! سندن جي عبادت جي باري ۾ (2) روايتون ٻڌون ٿا:

نماز ۽ روزي جا پابند

1۔   علامه ابنِ اثير جزريرَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: كَانَ الْحُسَينُرَضِىَ اللهُ عَنْهُ فَاضِلاً كَثِيرَ الصَّوْمِ وَالصَّلٰوةِ وَالْحَجِّ وَالصَّدَقَةِ وَاَفْعَالِ الْخَيرِ جَمِيعِهَا يعني حضرت سَيدُنا امامِ حُسينرَضِىَ اللهُ عَنْه ڪثرت سان نماز پڙھندا هئا، روزا رکندا هئا، حج ڪندا هئا، صدقو ۽ خيرات ڪندا هئا ۽ تمام ڀلائي جي ڪمن ۾ حصو وٺندا هئا۔ (اسد الغابة، رقم:۱۱۷۳،الحسين بن علي، ۲/۲۸)

2۔   امام عالي مقام رَضِىَ اللهُ عَنْه جا شهزاده حضرتِ سَيدنا امام زين العابدين رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمايو: منهنجا والدِگرامي حضرت سيدنا امامِ حُسين رَضِىَ اللهُ عَنْه ڏينهن رات ۾ هزار(1000)رڪعت نفل ادا ڪندا هئا۔ (عقد الفريد، باب من كلام الزهاد و أخبار العباد،۳/۱۱۴مختصرا)

     اي عاشقانِ امامِ حسين! ٻڌو اوهان ته حضرتِ امامِ حسينرَضِىَ اللهُ عَنْه عبادت جو ڪيتري قدرذوق ۽ شوق رکندا هئا، اسان غور ڪريون ڇا اسان فرض نماز به پڙھندا آهيون؟ حضرتِ امامِ حُسينرَضِىَ اللهُ عَنْه فرض روزن کان علاوه