Book Name:Imam Hussain Ki Ebadat

۽ آخرت جي برڪتن مان حصو ماڻي وٺندو آهي ڇوته اهلِ بيتِ اطهار سان محبت ڪرڻ ائين ئي آهي جيئن پياري پياري آقا، مديني واري مصطفٰيصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سان محبت ڪرڻ، اهلِ بيتِ اطهار جي محبت دنيا ۽ آخرت جي بيشمار ڀلائين جو سرچشمو آهي۔ ايستائين جو اهلِ بيتِ اطهار جي محبت شفاعتِ مصطَفٰي حاصل ٿيڻ جو ذريعو آهي، جيئن مُصطَفٰي جانِ رحمت، شمعِ بزمِ هدايتصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمان آهي: جيڪو شخص وَسيلو حاصل ڪرڻ چاهي ٿو ته ۽ اهو چاهي ٿو ته منهنجي بارگاھ ۾ ان جي ڪا خدمت ٿئي، جنهن جي ڪري مان قيامت جي ڏينهن ان جي شفاعت ڪيان، ان کي گھرجي ته منهنجي اهلِ بيت جي خدمت ڪري ۽ انهن کي خُوش ڪري۔(برڪاتِ آل رسول،ص ۱۱۰)

       اي عاشقانِ اهلبيت! اسان کي به گھرجي ته اهلِ بيتِ اطهار ۽ خاص ڪري سَيدنا امامِ حسينرَضِىَ اللهُ عَنْه جي غُلامي جو پَٽو پنهنجي ڳچي ۾ وجھي سندن جي سيرتِ طيبه جي روشن پهلوئن تي عمل ڪريون، هنن مقدّس هستين جو نهايت اَدب ۽ اِحترام ڪريون، حضور اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  حضراتِ حسنينِ ڪريمين کان بي پناھ محبت فرمائيندا هئا، جيئن

حضراتِ حسنينِ ڪريمين سان محبت

حضرتِ سَيدُنا ابو ايوب انصاريرَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا: مان رسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي بارگاھ ۾ حاضر ٿيس ته حضراتِ حسنينِ ڪريمينرَضِىَ اللهُ عَنْهمَا پاڻ سڳورنصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي هنج ۾ کيڏي رهيا هئا۔ مون عرض ڪيو: يارسول الله! ڇا اوهان هنن سان محبت ڪريون ٿا؟ ناناءِ حسنين صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: مان انهن سان محبت ڇو نه ڪيان، جڏهن ته هي منهنجا ٻه گل آهن جن جي مهڪ کي مان سونگھندو آهيان۔ (معجم ڪبير، ۴/۱۵۵، حديث:۳۹۹۰)

 

کس زباں سے ہوں بیان  عزوشان اہل  بیت    مدح گوئے مُصطفٰے ہے مدح خوانِ اہلِ بیت

مُصطفٰے عزت بڑھانے کے لئے تعظیم دیں                ہے بلند اِقبال تیرا دُودمانِ اہلِ بیت