Book Name:Imam Hussain Ki Ebadat

ڪرڻ، انهن کي سُنّتن ڀري اِجتماعن ۽ مَدَني مذاڪرن ۾ اچڻ جو ذهن ڏيڻ، اِجتماعي اِعتڪاف ۽ مختلف ڪورسز (اِصلاحِ اَعمال ڪورس،فيضانِ نماز ڪورس وغيره) ڪرڻ جي ترغيب ڏيارڻ، قافِلن ۾ سفر ڪرائڻ، انهن جي گھرن ۾ مَدَني حلقي جي ترڪيب ڪرڻ، انهن کي مدرسةُ المدينه براءِ بالغان ۾ شرڪت ڪرائڻ، انهن جي خوشي، غمي، بيماري ۽ فوتگي وغيره جي معامَلن ۾ شريڪ ٿيڻ ۽ مشڪلات ۾ مڪتوبات ۽ تعويذاتِ عطّاريه ذريعي انهن جي مدد ڪرڻ، مرحومين جي لاءِ ايصالِ ثواب اجتماع ڪرڻ وغيره وغيره هن مجلس جي مقصدن ۾ شامل آهي۔ الله ڪريم”مجلس اِزدِيادِ حُبّ“ کي مزيد ترقيون عطا فرمائي۔اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ 

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!                                                                           صَلَّی اللّٰہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد

ٻيو نڪتو

      اي عاشقانِ رسول! اهو به پتو پيو ته سَيدُنا امامِ حسينرَضِىَ اللهُ عَنْهعاجزي ۽ انڪساري جا پيڪر هئا، تڏهن ته ٿورڙي دير ٿيڻ تي ان شخص کان معافي گھريائون، جڏهن ته معافي گھرڻ ضروري نه هو، پر پوءِ به معافي گھري،  جيڪڏهن اسان پنهنجي حالت تي غور ڪريون ته عاجزي ۽ اِنڪساري ته پري جي ڳالھ، اسان غلطيون (Mistakes) ڪرڻ جي باوجود به معافي ناهيون گهرندا ۽ هٺ ڌرمي ڪندي اهو چوندي ٻڌا ويندا آهيون ته ادا اسان ته شريفن سان شريف ۽ بدمعاشن سان بدمعاش آهيون، جيڪو اسان سان جھيڙو ڪندو اسان ان کي نه ڇڏينداسين، جيڪو اسان کي هڪ ڳالھ ٻڌائيندو، اسان ان کي ڏھ ٻڌائينداسين، جيڪو اسان کي تڪليف پهچائيندو اسان ان جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏينداسين، جڏهن ته اسان جا بزرگانِ دِينرَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡهم اَجْمَعِين ته بدتميزي ڪرڻ وارن سان به حُسن اَخلاق سان پيش ايندا هئا، اسان جا بزرگانِ دِين ته غلطي نه هئڻ جي باوجود به معافي گھري وٺندا هئا، اسان جا بزرگانِ دِين ته گاريون ڏيڻ وارن کي به دعائون ڏيندا هئا، اسان جا بزرگانِ دِين ته دل آزاري ڪرڻ وارن سان به عفو درگذر سان ڪم وٺندا هئا، هڪ اسان آهيون جو بنا شرعي سبب جي ماڻهن جون دل آزاريون ڪندا آهيون، ڄاڻي واڻي ماڻهن کي تڪليفون ڏيندا