Book Name:Imam Hussain Ki Ebadat

٭ نگاهون جھڪائي پوري توجھ سان بيان ٻڌندس ٭ٽيڪ لڳائي ويهڻ بدران علمِ دين جي تعظيم خاطر جيترو ٿي سگهيو ٻئي گوڏا وڇائي ويهندس ٭ ضرورت پوڻ تي ٻين جي لاءِ سِرڪي جاءِ ڪشاده ڪندس ٭ ڌِڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندس، گھوري ڏسڻ ۽ اَٽڪڻ کان بچندس ٭ صَـلُّـوا عَلَي الحَبِيـب! اُذکُرُالله، تُوبُوا اِلَـي الله! وغيره ٻڌي ثواب ڪمائڻ ۽ صدا لڳائڻ وارن جي دِل جوئي جي لاءِ بلند آواز سان جواب ڏيندس ٭ بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي سلام، مصافحو ۽ انفرادي ڪوشش ڪندس۔

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!                                                                           صَلَّی اللّٰہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد

      پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! مُحَرَّمُ الحَرام جو بابرڪت مهينو جاري ۽ ساري آهي، هن مُبارَڪ مهيني کي شهيدانِ ڪربلا ۽ خاص ڪري اِمامِ عالي مَقام، سَيدُنا اِمامِ حُسين، شهزادهءِ ڪونينرَضِىَ اللهُ عَنْه سان هڪ خاص نسبت  حاصل آهي، انهيء مناسبت سان اڄ جي بيان ۾ اسان امامِ عالي مقام، امامِ حسينرَضِىَ اللهُ عَنْه جي تقويٰ ۽ پرهيزگاري، صدقي ۽ خيرات، فضيلت ۽ مناقب، شان ۽ عظمت، آقا ڪريم، رؤف رحيم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي سندن سان محبت ۽ خاص ڪري (Specially) پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه جي عبادت جو ذوق  ۽ شوق، عبادت جا واقعا پڻ     ٻڌنداسين۔ اي ڪاش! اسان کي سڄو بيان چڱين چڱين نيتن سان ٻڌڻ نصيب ٿي وڃي، اچو! سڀ کان پهريان هڪ واقعو ٻڌون ٿا: جيئن

امامِ حسين سان محبت جو اجر

      حضرت سَيدنا علامه عبدُالرَّحمٰن ابنِ جوزيرَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: هڪ ڀيري عَمرو بن ليث جي سامهون ان جي تمام فوج کي گڏ ڪيو ويو، عَمرو بن ليث جڏهن پنهنجي فوج جي اها ڪثرت ڏٺي ته روئي پيو ۽ دل ئي دل ۾ چوڻ لڳو، اي ڪاش! امامِ حُسينرَضِىَ اللهُ عَنْه جي شهادت جي وقت مان اتي موجود هجان ها ۽ مون وٽ ايتري فوج هجي ها ته مان پنهنجي جان، شان ۽ شوڪت ۽ سڄي فوج کي انهن تي قربان ڪري ڇڏيان ها۔ ان زماني جي ڪنهن ولي کي خواب ۾، حضورِاڪرم، نورِمجسمصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي زيارت ٿي، ته رسول