Book Name:Imam Hussain Ki Ebadat

حِڪمت جا خزانا لُٽائيندا ئي رهن۔ ٭حضرتِ امامِ حسين رَضِىَ اللهُ عَنْه پنهنجي ناناجانصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ، پنهنجي والدِمحترم، والدهِ مُحترمه ۽ اَميرُالمؤمنين حضرت سيدُنا عمر فاروقِ اعظم عَلَيهمُ الرِّضْوَان کان حديث سڳوريون ٻڌيون ۽ رِوَايت ڪيون۔ ٭ حضرت امامِ حسينرَضِىَ اللهُ عَنْه جو مُستقل عِلمي حلقو مسجدِ نَبوي ۾ لڳندو هو جنهن ۾ پاڻرَضِىَ اللهُ عَنْه ماڻهن کي فقهي مسئلن کان آگاھ ڪندا هئا۔ ٭ حضرت امامِ حسينرَضِىَ اللهُ عَنْه جي شهادت 10 محرم الحرام 61 هجري جو ميدانِ ڪربلا ۾ ٿي۔

کیا بات رضاؔ اُس چمنستانِ کرم کی

زَہرا ہے کلی جس میں حُسین اور حسن پُھول

                                        (حدائقِ بخشش ،ص۷۹)

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!                                                                           صَلَّی اللّٰہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد

امامِ حُسين جي عبادت

      پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! امامِ عالي مقام، امامِ حسين رَضِىَ اللهُ عَنْه جي سيرت ِطيبه جي روشن پهلوئن مان معلوم ٿيو ته پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه هر وصف ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هئا، پر اهي اوصاف پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه کي پنهنجي ئي گھر مان تربيت جي صورت ۾ مليا هئا ڇوته ٻار جي تربيت جو سڀ کان پهريون مڪتب (اسڪول) ان جو گھر هوندو آهي، ٻار جا سڀ کان پهريان اُستاد والدين هوندا آهن ۽ سندن رَضِىَ اللهُ عَنْه جو گھراڻو وحي ۽ الهام جو مرڪز ۽ علم ۽ عرفان جو چشمو هو، کين جو گھراڻو رشڪِ ڪائنات ۽ مرڪزِ تجليات هو، سندن جو گھراڻو عبادت ۽ رياضت ۽ سخاوت جو مرڪز هو، امام عالي مقام رَضِىَ اللهُ عَنْه  جو گھراڻو زُهد ۽ تقويٰ ۽ پرهيزگاري جو سر چشمو هو، اوهان جو گھراڻو غريبن جي حاجت روائي ۽ غم جي ماريل جو سهارو هو، پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه کي ته ننڍپڻ ۾ تعليم ۽ تربيت جو اهڙو بابرڪت نوراني ۽ روحاني ماحول ميسر آيو جو ٻنهي جھانن جي مالڪ ۽ مختار، مڪي مَدَني سرڪارصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي هنج