Book Name:Imam Hussain Ki Ebadat

آهيون، اسان ماڻهن جون غيبتون ڪندا آهيون، اسان ناحق ماڻهن جون شيون ڦٻائي وٺندا آهيون، اسان کل مذاق ڪرڻ وارن کي گاريون ڏيندا آهيون، اسان ماڻهن کان بدلو وٺڻ جو موقعو ڳوليندا آهيون، تنهنڪري اسان کي گھرجي ته انهن بُرين عادتن کي  ڇڏي ڪري پنهنجي اسلاف جي نقشِ قدم تي هلندي، عَفو ۽ درگزر، حِلم ۽ بردباري، تحمل مزاجي ۽ عاجزي ۽ انڪساري جي عادتن کي اپنايون، ڇوته عاجزي ۽ انڪساري واريون عادتون رکڻ وارا هر دلعزيز بڻجي ويندا آهن جڏهن ته تڪبُّر ۽ ڳالھ ڳالھ تي جھيڙو جھٽو ڪرڻ  جي لاءِ تيار ٿيڻ وارن کان ماڻهو نفرت ڪرڻ لڳندا آهن۔

عاجزي اختيار ڪريو

      اميرُالْمُؤمِنِين،خَلِيفَة الْمُسْلِمِينحضرت سَيدُناعمر فاروقِ اعظمرَضِىَ اللهُ عَنْه فرمايو: جيڪو الله ڪريم جي لاءِ عاجزي اختيارڪندو، الله پاڪ اُن کي بلندي عطا فرمائيندو، پوءِ هو پاڻ کي ڪمزور سمجھندو پر ماڻهن جي نگاهن ۾ اهو عظيم هوندو ۽ جيڪو تڪبُّر ڪري، الله ڪريم اُن کي ذليل ڪندو پوءِ اهو ماڻهن جي نگاهن ۾ ننڍو پر پاڻ کي وڏو سمجھندو هوندو ايستائين اهو ماڻهن جي ويجھو خنزير کان به بدتر ٿي ويندو آهي۔ (مصنف ابن ابي شيبة،ڪتاب الزهد ،باب ڪلام عمر بن الخطاب، ۱۹/۱۴۴، حديث : ۳۵۶۰۲ ملتقطا)

فخر و غُرور سے تُو مولیٰ مجھے بچانا

یا ربّ! مجھے بنا دے پیکر تُو عاجزی کا

(وسائل ِبخشش مُرمّم،ص۱۷۸)

 

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!                                                                           صَلَّی اللّٰہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي ختم ڪندي چڱي صحبت متعلق ڪجھ مفيد ڳالهيون بيان ڪرڻ جي سَعادَت حاصِل ڪيان ٿو.  

چڱي صحبت بابت ڪجھ مفيد ڳالهيون