Book Name:Imam Hussain Ki Ebadat

ڪرڻ جي توفيق ملي به وڃي ته حُبِّ جاه ۽ ريا ڪاري جي آفت ۾ مبتلا ٿي تصويرون بڻائي ۽ پوءِ ان کي سوشل ميڊيا (Social Media) تي اَپ لوڊ (Upload) ڪري ماڻهن جي  طرفان واھ واھ جي داد وصول ڪرڻ جهڙي بُري عادت ۾ مبتلا ٿي ويندا آهيون۔

      ياد رکو! صَدَقو ۽ خَيرات ڪرڻ سان بظاهر ته مال ۾ ڪمي واقع ٿيندي آهي، پر حقيقت ۾ برڪت ئي برڪت ٿيندي آهي، جيئن ته

صدقو ڏيڻ سان مال گھٽ ناهي ٿيندو

       اسان گناهگارن سان محبت ڪرڻ واري محبوب آقا، بيڪسن جي مدد گار آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمان آهي: مَا نَقَصَ مَالٌ مِنْ صَدَقَة يعني صَدَقو ڏيڻ سان مال گھٽ ناهي ٿيندو۔ ( معجم اوسط،من اسمه احمد،۱/۶۱۹،حديث: ۲۲۷۰)

مجلس اِزدِيادِ حُبّ

    پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! واقعي صدقو ۽ وخيرات ڪرڻ جا جتي اُخروي فائدا آهن، اتي صدقو ۽ خيرات ڪرڻ سان پاڻ ۾ محبتون پيدا ٿين ٿيون ۽ نفرتون ختم ٿين ٿيون، پر افسوس! اسان فاني دُنيا جي لذّت ۽ مال ۽ دولت جي محبت ۾ گرفتار ٿي هڪ ٻي سان پري ٿيندا پيا وڃون، دلين مان محبت ختم ٿيندي پئي وڃي، ڳالھ ڳالھ تي هڪ ٻئي سان جھيڙو ڪرڻ جو ماحول وڌنڌو پيو وڃي، جنهن جي ڪري اسان جي معاشري ۾ فتنو ۽ فساد ڦهلجندو پيو وڃي ۽ امن ۽ امان ختم ٿيندو پيو وڃي۔ پر قربان وڃجي! عاشقانِ رسول جي مدني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول تي جيڪو هن نازڪ دَور ۾ به اسان کي مسلمانن سان جھيڙي جھٽي کان بچائڻ، اتفاق ۽ اتحاد سان رهڻ جي ترغيب ڏيارڻ سان گڏوگڏ مسلمانن جي ڏُک درد ۾ شريڪ ٿيڻ، مشڪل وقت ۾ انهن جي حاجت روائي ڪرڻ جهڙي سٺي سوچ فراهم ڪري رهي آهي، جنهن جي هڪ واضِح جھلڪ دعوتِ اسلامي جي تحت قائم ”مجلس اِزدِيادِ حُبّ“ به آهي۔ ”نيڪ ڪم نمبر55 “ کي باقاعده تنظيمي طور تي عَمَلي جامو پارائيندي اهي پراڻا اسلامي ڀائر جيڪي اڳ ۾ ايندا هئا پر هاڻ نٿا اچن انهن کي مَدَني ماحول ۾ فَعال ڪري ”مسجد ڀريو تحريڪ“ ۾ شامل ڪرڻ، انهن کان پيشگي وَقت وٺي اِنفِرادي طور تي دُڪان، گھر يا دفتر وڃي ملاقات