Book Name:Imam Hussain Ki Ebadat

اڪرمصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ان کي فرمايو: عَمرو بن ليث کي چئجانءِ ته ان جي دل ۾ جيڪو خيال آيو آهي اسان کي ان جي خبر آهي ۽ اسان ان جي ارادي کي قبول ڪري ورتو آهي، الله ڪريم توهان کي هن ارادي ۽ هن خيال تي اجرِ عظيم عطا فرمائي۔ جڏهن خواب ڏسڻ واري عَمرو بن ليث کي اها خوشخبري ٻڌائي ته هو خوشي وچان جھومڻ لڳو ۽ ان جي اکين مان لڙڪن جي لاڙ نڪرڻ لڳي۔ (بستان الواعظين،مجلس في فضل يوم عاشوراء وما جاء فيه، ص۲۴۰ ملتقطا)

       اي عاشقانِ امامِ حسين! ٻڌو اوهان ته جيڪو خوش نصيب پنهنجي شهرت ۽ مقام ۽ مرتبي جي پرواھ ڪرڻ بغير صرف دل ۾ رِضاءِ اِلٰهي ۽ خوشنودي مُصطَفٰي کي حاصل ڪرڻ ۽ رسول اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي نسبت ۽ شرافت جي ڪري امامِ حسين رَضِىَ اللهُ عَنْه سان عقيدت ۽ محبت جو اظهار ڪندو، پنهنجي دل ۾ انهن جي خدمت ڪرڻ جي تمنا ظاهر ڪندو آهي ته ان خوش قسمت تي پياري آقا، محبوبِ خداصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو ضرور ڪرم ٿيندو آهي جيئن ته بيان ڪيل واقعي ۾ پنهنجي هڪ غلام جي خواب ۾ تشريف آڻي عمرو بن ليث جي لاءِ خوشخبري ارشاد فرمائي ۽ ان جي دل ۾ ايندڙ خيال (Opinion) کي پنهنجي بارگاھ ۾ قبول فرمائي ورتو۔ اچو! ٻڌون ٿا ته عمرو بن ليث کي محبتِ امامِ حُسين جي ڪري ٻيو ڪهڙو رتبو ۽ مقام مليو،

محبتِ امامِ حُسين جي ڪري بخشش ٿي وئي

      خُراسان جي حاڪم عَمرو بن ليث کي انتقال کان پوءِ ڪنهن خواب ۾ ڏسي پڇيو: الله پاڪ تو سان ڪهڙو معاملو فرمايو؟ ان چيو: الله ڪريم مون کي بخشي ڇڏيو، پڇيائين ڪهڙي سبب؟ ان چيو: هڪ ڀيري مان جبل تان پنهنجي لشڪر جي گھڻائي ڏسي خوش ٿي رهيو هيس ته مون تمنا ڪئي ڪاش! مان هن وقت ميدانِ ڪربلا ۾ هجان ها، جڏهن يزيدي لشڪر امامِ حسينرَضِىَ اللهُ عَنْه ۽ ٻين اهلِ بيت تي ظلم ۽ ستم ڪري رهيا هئا ته مان سندن جي ڪجھ خدمت ڪري سگھان ها۔ ته ربِّ ڪريم انهيء نيت جي ڪري منهنجي مغفرت فرمائي ڇڏي۔ (مدارج النبوت ،باب نهم ذڪر حقوق آنحضرت ،۱/۳۰۵ ملخصا)

      پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اها حقيقت آهي جيڪو شخص پنهنجي دل ۾ محبتِ اهلِ بيت ۽ سَيدنا امامِ حُسين جي محبت کي آباد ڪندو آهي اهو دنيا