Book Name:Imam Hussain Ki Ebadat

رَضِىَ اللهُ عَنْه پنهنجي ڀاء کي ارشاد فرمايائون:

      جيڪڏهن موقعو ملي وڃي ته اڄ جي رات نماز، دعا ۽ اِستِغفَار ۾ گذاريون، ڇوته مون کي ربِّ ڪريم جي رضا جي لاءِ نماز ۽ تلاوتِ قرآن سان محبت آهي ۽ ڪثرت سان دعا ۽ اِستِغفَار منهنجو معمول آهي۔ (الکامل فی التاریخ،۳/۴۱۵)

      اي عاشقانِ صحابه ۽ اهلِ بيت! ٿورو سوچيو! جڏهن چئني پاسي دشمنن جو هجوم هجي، مصيبتن تي مصيبتون ۽ آزمائشن تي آزمائشون اچي رهيون هجن، پيئڻ جي لاءِ پاڻي نه ملي رهيو هجي ته اسان مان هر هڪ جي تمنا اها ئي هوندي ته ڪاش ڪهڙي طرح انهن مصيبتن کان ڇوٽڪارو ملي وڃي، ڪهڙي طرح به اها مصيبت ٽري وڃي، پر سَيدُنا امامِ حُسينرَضِىَ اللهُ عَنْه جي تمنا ڏسو ته ڇا فرمائي رهيا آهن ته ڪاش اها رات به عبادت ڪرڻ جي لاءِ ملي وڃي، اها رات به تلاوتِ قرآن جي لاءِ ملي وڃي، اها رات به دعا ۽ مناجات جي لاءِ ملي وڃي، واقعي اهو انهيء عبادت جو ذوق ۽ شوق هو جو ميدانِ ڪربلا ۾ ايتريون تڪليفون ۽ مصيبتون اچڻ جي باوجود به اهو جذبو ٿڌو نه ٿيو ۽ ميدانِ ڪربلا ۾ 10 ڏينهن ڪا نماز قضا نه ڪيائون، عبادت سان محبت جو عَالَم اهو هو جو آخري وقت پنهنجو مبارڪ سر بارگاھ ربُّ اۡلعزت ۾ جھڪائي سجدي جي حالت ۾ شهادت کي سيني سان لڳايائون۔

       پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اسان کي به دُرست نماز ۽ تلاوتِ قرآن سکڻ جي ڪوشش ڪرڻ گھرجي، فيضانِ نماز ڪورس ڪرڻ ۽ مدرسة المدينه (بالغان) ۾ شرڪت ڪري پابندي سان تعليمِ قرآن حاصل ڪرڻ نهايت مددگار ثابت ٿيندو۔

12مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم ”بعد فجر مَدَني حلقه“

 اي عاشقانِ امامِ حسين! جيڪڏهن اسان به الله ۽ رسول صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي اَحڪامن مطابق زندگي گذارڻ، نماز، روزو ۽ نفل عبادتن جي پابندي ڪرڻ ۽ امامِ حسين رَضِىَ اللهُ عَنْه جي سيرت تي عمل جو جذبو وڌائڻ چاهيون ٿا ته اڄ ئي عاشقانِ رسول جي مدني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته ٿي وڃو پنهنجو ڪجھ نه ڪجھ وقت ڪڍي ذيلي حلقي جي 12 مدني ڪمن مان ڪنهن هڪ مدني ڪم جي ذميداري وٺو۔ ذيلي حلقي جي 12 مدني ڪمن