Book Name:Aala Hazrat Ka Ilm-o-Amal

    رسولِ اَڪرم، شاھ ِبني آدم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمانِ عاليشان آهي: منهنجو جيڪو اُمّتي اِخلاص سان مون تي هڪ ڀيرو دُرودِ پاڪ پڙھندو الله پاڪ ان تي ڏھ (10) رَحمتون نازِل فرمائيندو، ان جا ڏھ (10) دَرَجا بلند فرمائيندو، ان جي لاءِ ڏھ (10) نيڪيون لکندو ۽ ان جا ڏھ (10) گناھ مٽائيندو۔                   (سنن ڪبرٰي،ڪتاب عمل اليوم …الخ،باب ثواب الصلاۃ…الخ،۶/۲۱،حديث:۹۸۹۲)

میری زبان تَر رہے ذِکْر و دُرُود سے                                    بے جا ہنسوں کبھی نہ کروں گفتگو فُضول

                                                                           (وسائلِ بخشش مرمم،ص۲۴۳)

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                            صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! ثواب حاصل ڪرڻ خاطر بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نِيّتون ڪري وٺون ٿا. فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ: نِيَّةُ الۡمُؤۡمِنِ خَيۡرٌ مِّنۡ عَمَلِهٖيعني مسلمان جي نِيّت ان جي عمل کان بهتر آهي .

(المعجم الڪبير،سهل بن الساعدي...الخ ج 6، ص 185، الحديث: 5942) 

ٻه مدني گُل: (1) بغير سٺي نيّت جي ڪنهن به نيڪ عمل جو ثواب ناهي ملندو.

 (2) جيتريون سٺيون نِيّتون وڌيڪ، اوترو ثواب به وڌيڪ.

بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون

٭ نگاهون جھڪائي پوري توجھ سان بيان ٻڌندس ٭ ٽيڪ لڳائي ويهڻ بدران علمِ دين جي تعظيم خاطر جيترو ٿي سگهيو ٻئي گوڏا وڇائي ويهندس ٭ ضرورت پوڻ تي ٻين جي لاءِ سِرڪي جاءِ ڪشاده ڪندس ٭ ڌِڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندس، گھوري ڏسڻ ۽ اَٽڪڻ کان بچندس ٭ صَـلُّـوا عَلَي الحَبِيـب! اُذکُرُالله، تُوبُوا اِلَـي الله! وغيره ٻڌي ثواب ڪمائڻ ۽ صدا لڳائڻ وارن جي دِل