Book Name:Aala Hazrat Ka Ilm-o-Amal

12مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم ’’هفتيوار مدني مذاڪرو‘‘

 ذيلي حلقي جي 12 مَدَني ڪمن مان هفتيوار هڪ مَدَني ڪم ”مَدَني مذاڪرو“ به آهي۔ هن مدني ڪم جا بي شُمار ديني ۽ دُنياوي فائدا آهن، ٭مدني مذاڪري جي برڪت سان گناهن کان بچڻ جو ذِهن ملندو آهي۔٭مدني مذاڪري جي برڪت سان علمِ دِين حاصل ٿيندو آهي۔ ٭مدني مذاڪري جي برڪت سان دِيني معلومات (Islamic knowledge) سان گڏ اَخلاقي تربيت به نصيب ٿيندي آهي۔ اَلْحَمْدُلِله ! هن مدني ڪم جي برڪت سان بيشُمار ماڻهو گناهن ڀري زندگي ڇڏي نيڪيون ڪرڻ وارا بڻجي ويا۔

      12 مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم ”هفتيوار مدني مذاڪرو“ آهي، هن جي تفصيلي معلومات جي لاءِ مڪتبة المدينه جي 72 صفحن تي مشتمل رسالي ” هفتيوار مدني مذاڪره“ جو مطالعو ڪريو۔ تمام ذميدارانِ دعوتِ اسلامي ته هن رسالي جو لازمي مطالعو ڪن، اهو رسالو مڪتبتة المدينه تي دستياب هُئڻ سان گڏوگڏ دعوتِ اسلامي جي ويب سائٽ www.dawateislami .net تان به پڙھي سگھجي ٿو۔

       هن رسالي جي مطالعي جي برڪت سان اوهان کي خبر پوندي ٭مدني مذاڪري جي اهميت٭ اجتماعي مدني مذاڪري ۾ شرڪت جا طريقا ٭مدني مذاڪري جي باري ۾ اميرِ اهلسنت جا مدني گل ٭مدني مذاڪري جي باري ۾ مرڪزي مجلس شوري جا مدني گل ٭مدني مذاڪري جا 26 مدني گل ٭مدني مذاڪري جون شرعي ۽ تنظيمي احتياطون وغيره۔

      اچو! تَرغِيب لاءِ هڪ مَدَني بَهار ٻڌو ۽ پابندي سان مدني مذاڪري ۾ شرڪت جي نِيت ڪري وٺو،

مَدَني مذاڪري جي بَرَڪت

زم زم نگر حيدر آباد (بابُ الاسلام سندھ) جي علائقي ڦھليلي پار جي