Book Name:Aala Hazrat Ka Ilm-o-Amal

حديثِ پاڪ جي باري ۾ مَدَني گل

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! بَيان کي اِختِتام ڏانهن آڻيندي حديثِ پاڪ جي باري ۾ ڪجھ مَدَني گل ٻڌڻ جي سعادت حاصِل ڪريون ٿا۔ پهريان 2 فرمانِ مُصطَفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ مُلاحَظَه ڪريو: (1) فرمايائون: جيڪو شخص ديني معامَلات جي باري ۾ چاليس (40) حديثون ياد ڪري منهنجي اُمّت تائين پهچائيندو الله پاڪ (قِيامت جي ڏينهن) ان کي هن شان سان اٿاريندو جو اهو فقيه هوندو ۽ مان قِيامت جي ڏينهن ان جي شفاعت ڪندس ۽ ان جي لاءِ شاهدي ڏيندس۔        )  مشڪاۃ المصابيح، ڪتاب العلم، الفصل الثالث،۱/۶۸،حديث:۲۵۸ (

(2)فرمايا: الله پاڪ ان کي تَروتازه (بارونق) رکي جيڪو منهنجي حديث کي ٻڌي، ياد رکي ۽ ٻين تائين پهچائي۔  (تِرمِذي، ۴/۲۹۸،حديث:۲۶۶۵) ٭اسلام ۾ ڪلامُ الله (يعني قرآن) کان پوءِ ڪلامِ رسولِ الله (يعني حديثِ رسول) جو درجو آهي۔ (مرآۃ المناجيح،۱/۲) ٭ هر انسان تي حُضور عَلَيه السَّلَام جي اِطاعت فَرض آهي ۽ اها اِطاعت حديث ۽ سُنّت ڄاڻڻ  بغير ناممڪن آهي۔(مرآۃ المناجيح ، ۱/۹) ٭ حديثن جي اِنڪار کان بعد قرآن تي اِيمان جي دعويٰ سراسر باطِل آهي۔(نزهۃ القاري ،۱/ ۳ ۶)٭ جيستائين اهو معلوم نه ٿي وڃي ته اها واقعي حديث مبارَڪه آهي، ان وَقت تائين بَيان نه ڪريو۔(فيضان فاروق اعظم ، ۲/ ۴۵۱)٭پياري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمان آهي: جيستائين توهان کي يقيني عِلم نه هجي منهنجي طرفان حديث بيان ڪرڻ کان بچو، جنهن ڄاڻي واڻي مون ڏانهن ڪوڙ منسوب ڪيو ان کي گھرجي ته هو پنهنجو ٺڪاڻو جهنم ۾ بڻائي وٺي۔ (ترمذي، ڪتاب تفسير القرآن عن رسول الله،باب ماجاء في الذي۔۔۔الخ،۴/۴۳۹،حديث:۲۹۶۰)٭ايس ايم ايس(SMS) جي ذريعي بغير حوالي جي ڪا به حديث اڳتي نه موڪليو جيستائين ڪنهن عاشقِ رسول صحيحُ العقيده مُفتي صاحب يا ڪنهن عالِمِ دين کان تصديق نه ڪرائي وٺو۔   (فيضان ِفاروق اعظم،۲/۴۴۰)