Book Name:Aala Hazrat Ka Ilm-o-Amal

چڱي طرح صِحت ياب آهن۔  (انوارِ رضا ،ص ۲۵۸)

 

 هڪ ڀيري تمام گهڻو بيمار ٿي پيا، طبيعت ايتري خراب ٿي وئي جو وصيت نامو به سندن لکرائي ڇڏيو، تڏهن به نماز سان محبت جو حال اهو جو چار ماڻهو ڪرسي تي ويهاري مسجد کڻي ويندا هئا ۽ وري واپس آڻيندا هئا، پر سڀ نمازون مسجد ۾ ئي پڙهندا هئا.     (فتاویٰ رضویہ،۹/۵۴۷)

گھلجندي جماعت جي لاءِ حاضر ٿيا

انهيء بيماري ۾ ”هڪ ڀيري مسجد وٺي وڃڻ وارو ڪو نه هو، جماعت جو وقت ٿي ويو۔ طبيعت پريشان، لاچار پاڻ ئي ڪنهن نموني گھلجندا حاضر ٿيا ۽ باجماعت نماز ادا ڪيائون۔   (عورتيں ۽ مزارات ڪي حاضري،ص ۱۸)

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! ٻڌو اوهان! اعليٰ حضرترَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه کي باجماعت نماز سان ڪيتري مَحَبَّت هئي جو ڪنهن حال ۾ جماعت ڇڏڻ پسند نه هو، باجماعت نماز سان سندن جي مَحَبَّت جو عالم ته ڏسو شديد بيماري جي ڪري هلڻ ۾ مشڪل آهي، پر پوءِ به مسجد ۾ وڃي باجماعت نماز ادا ڪرڻ سندن جي خوبي هئي، هن ۾ انهن نادانن جي لاءِ عبرت جا مدني گل موجود آهن جيڪي نماز جي وقتن ۾ گھٽي جي ڪنڊن، چوڪن ۽ دڪانن تي ويهي فضول ڳالهين ۾ مشغول رهن ٿا، لاپرواهي جو اهو عالم آهي جو اَذانون ٿي وينديون آهن، نمازن جو وقت ختم ۽ ٻي نمازن جو وقت اچي ويندو آهي، پر افسوس! اهي نادان پنهنجي جڳھ تان ٿورو به چُرندا نه آهن، اهڙي طرح ڪي ماڻهو سُستي جو مظاهرو ڪندي بغير جماعت جي يا وري گھر ۾ ئي پڙھي وٺندا آهن۔

ياد رکو: هر عاقل، بالغ تي جماعت واجب آهي، بنا شرعي عذر جي هڪ ڀيرو به ڇڏڻ وارو گناھگار ۽ جهنم جو حقدار آهي.  (بہارِشریعت،حصہ سوم،۱/۵۸۲ ملخصاً)

حضرت سَيدُنا ابو هريره رَضِىَ اللّٰهُ عَنْه کان روايت آهي، ٻنهي جھانن جي سلطان