Book Name:Aala Hazrat Ka Ilm-o-Amal

بھر دی دلوں میں اُلفت و عظمت رسول کی                     جو مخزنِ حلاوتِ ایماں ہے آج بھی

                                                                                  (مناقبِ رضا،ص۶۶)

مختصر وضاحت:۔۔۔ اعلٰي حضرت جي علم جو سج اڄ به روشن آهي، پاڻ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه  علم جا اهڙا درياء وهايا جو عالمن جا عقل حِيران آهن ۽ محبت رسول جيڪا ايمان جي اصل آهي سندنرَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه  ئي ماڻهن جي دلين ۾ بيدار ڪئي آهي.

اي عاشقانِ امام احمد رضا! ڏٺو اوهان! الله ڪريم اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه کي ڪيتري بي مثال حافظي جي قوت عطا فرمائي هئي۔ اَلْحَمْدُلِلّٰه پاڻ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه  الله ڪريم جي هن عظيم نعمت جو بهترين استعمال فرمايو ۽ ان جي ذريعي فتوائون لکي اُمّت تي عظيم احسان فرمايائون، جنهن جو واضح مثال سندن جي اڪثر فتوائن جو مجموعو ”فتاويٰ رضويه“ آهي جيڪو اُمّتِ مسلمه کي ڏينهن رات فيض ياب ڪري رهيو آهي۔ اچو! فتاويٰ رضويه جو مختصر تعارف ۽ ان جي ڪجھ خصوصيتن جي باري ۾ ٻڌون ٿا:

فتاويٰ رضويه جو تعارف

      ياد رهي! ”فتاوي رضويه“۾ موجود هر فتوٰي ۾ دليلن جو سمنڊ ڇوليون هڻي رهيو آهي۔ فتاويٰ رضويه جون 30 جِلدون آهن۔ جيڪي تقريباً ٻاويھ هزار(22000) صَفحا، ڇھ هزار اٺ سو ستيتاليھ (6847) سُوالن جا جواب ۽ ٻه سو ڇھ (206) رسالن تي مُشتَمِل آهن۔ جڏهن ته هزارين مسئلا ضِمناً زيرِ بَحث آيا آهن۔ اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه 55 کان وڌيڪ عُلُوم تي دسترس رکڻ وارا اهڙا ماهر عالم هئا جو ڪافي عُلُومِ عقليه ۽ نقليه تي سندن جون سوين تصنيفون موجود آهن، هر تصنيف ۾ سندن جي علمي شان ۽ شوڪت، فقهي مهارت ۽ تحقيقي بصيرت جا جلوا نظر ايندا آهن، خاص ڪري فتاويٰ رضويه ته فِقه جي