Book Name:Aala Hazrat Ka Ilm-o-Amal

سمنڊ ۾ غوطو لڳائڻ واري جي لاءِ آڪسيجن جو ڪم ڏيندو آهي۔

 (اعليٰ حضرت ڪي انفرادي ڪوشش، ص۳۔۲ بتغير قليل)

عِلم و عِرفاں کا جو کہ ساگَر تھا                                خَیْر سے حافِظہ قوی تر تھا

حق پہ مبنی تھا جس کا ہر فتویٰ                                واہ کیا بات اعلیٰ حضرت کی

(وسائلِ بخشش، ص۵۷۵)

 مختصر وضاحت:۔۔۔ اعلٰي حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه  شريعت ۽ طريقت جا سمنڊ هئا ۽ سندن جو حافظو به تمام مضبوط هو انهيءَ ڪري سندن جو هر فتوٰي حق تي ٻڌل هوندو هو، پوءِ ڇونه چئون ته اعلٰي حضرت جي ڇا ڳالھ آهي..

   اچو! هاڻي ”فتاويٰ رضويه“ جي ڪجھ خصُوصِيتن جي باري ۾ ٻڌون ٿا:

فتاويٰ رَضَوِيه جون خصوصِيتون

٭ فتاويٰ رضويه ۾ علمِ حديث ۽ علمِ فقه جي ڪتابن جو ڀرپُور عِلم موجود آهي٭ فتاويٰ رضويه ۾ اڻ لڀ ۽ ناياب حوالن جو به جڳھ جڳھ تي ذِڪر ڪيو ويو آهي ٭فتاويٰ رضويه ۾ قرآن ۽ حديث جي روشني ۾ سوين موضوعن تي هزارين مسئلن جو حل عطا فرمايو ويو آهي ٭ .فتاويٰ رضويه ۾ فنِّ رِياضي ۽ علمِ تَوقِيت سان گڏوگڏ علمِ ميراث جي باري ۾ به اڻ لڀ ۽ ناياب تحقيق موجود آهي٭ فتاويٰ رضويه ۾ ٻين (فقهي) مذهبن جي قوانين ۽ جُزئيات جو علم به شامل آهي ٭ فتاويٰ رضويه ۾ هر مسئلي ۾ قرآن ۽ سُنَّت جي پيروي جو اِهتمام ڪيو ويو آهي ٭ فتاويٰ رضويه ۾ بِدعتن ۽ مُنڪرات جو ايمان افروز رَدّ ڪيو ويو آهي٭ فتاويٰ رضويه جي سڀ کان وڏي خاصيت اها آهي ته وڏن وڏن مُفتين سڳورن کي فقهي مسئلن جي مُعاملي ۾ وقت به  وقت فتاويٰ رضويه جي ضرورت پوندي آهي، ڪيترائي مفتي سڳورا فتويٰ