Book Name:Aala Hazrat Ka Ilm-o-Amal

جوئي جي لاءِ بلند آواز سان جواب ڏيندس ٭ بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي سلام، مصافحو ۽ انفرادي ڪوشش ڪندس۔

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                  صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اَلْحَمْدُلِلّٰه شَوَّالُ المُڪرَّم جو مبارڪ مهينو اسان جي وچ ۾ جلوه گر آهي۔ هي اهو عظيمُ الشَّان مهينو آهي جنهن جي 10 تاريخ تي هر سال عاشقن جي امام، اعليٰ حضرت، امامِ اهلسنت مولانا شاھ امام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جي پيدائش جو ڏهاڙو سڄي دنيا ۾ وڏي شان ۽ شوڪت سان ملهايو ويندو آهي۔ اچو! انهيء مناسبت سان اڄ اسان به سندن جي علمي مقام، ۽ سندن جي علمي خدمتن، فتاويٰ رضويه ۽ ڪنزُالايمان جو مختصر تعارف ۽ سندن جي عملي زندگي جي ڪجھ پهلوئن مان اسان به برڪتون وٺڻ جون سعادتون حاصل ڪنداسين، اچو! پهريان سندن جي علمي صلاحيت جو هڪ خوبصورت واقعو ٻڌون ٿا،

بارگاھِ رسول جو عطيو

هڪ ڀيري اعليٰ حضرت جي خليفي، حضرت علامه مولانا الحاج شاھ محمد هدايت رسول رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه ۽ ٻيا عالم سڳورا اعليٰ حضرت امام احمد رضا خانرَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جي بارگاھ ۾ حاضر هئا، دنيا جي مشينن جي ايجاد جو تذڪرو ٿي رهيو هو، ان تي اعليٰ حضرت امام احمد رضا خانرَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه ارشاد فرمايائون: الله (پاڪ) جي فضل سان بارگاھِ مُصطَفٰي مان مون کي اهڙي مشين عطا ٿي آهي، جنهن ۾ ڪنهن به عِلم جو سُوال چاهي ڪنهن به زبان ۾ هجي وجھو، ڪجھ منٽن کان پوءِ ان جو صحيح جواب حاصل ڪري وٺو۔ مولانا هدايت رسول صاحب رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه عرض ڪيو: حضور! اها مشين (Machine) مون کي به