Book Name:Aala Hazrat Ka Ilm-o-Amal

ڏيکاريو۔ پوءِ امام اهلسنّت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه ارشاد فرمايائون: ڪنهن ٻي موقعي تي ڏسي وٺجو پر اهي امام اهلسنت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جي پيرن تي ڪري پيا ۽ روئڻهارڪا ٿي چيائون ته حضور! اسان ته هن مشين کي هينئر ئي ڏسنداسين۔ ته پاڻ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه  پنهنجي ڳلي جا بٽن کولي ڇڏيا ۽ پنهنجي مبارڪ سيني جي زيارت ڪرائي پوءِ ارشاد فرمايائون: هي اها مشين آهي، جنهن جي باري ۾، مون ڳالھ ڪئي هئي، شاھ هدايت رسول صاحب اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جي مبارڪ سيني کي چُمندي فرمايائون: صَدَقْتَ يا وَارِثَ عُلُوْمِ رَسُوْلِ الله وَ يا نَائِبَ رَسُوْلِ الله يعني اي رسولِ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي علوم جا وارث ۽ اُنهن جا نائب! اوهان سچ فرمايو۔            (تجلياتِ امام احمد رضا،ص۷۸ ملخصاً)

ياد رهي ته بزرگانِ دين رب ڪريم جي طرفان ملڻ وارين عطائن کي تحديثِ نعمت (نعمت جو چرچو ڪرڻ) جي لاءِ ذڪر ڪندا آهن ۽ اهو انهن کي ئي سونهي ٿو، هر هڪ کي ائين ڪرڻ جي اجازت ناهي .

عِلْم کا چشْمہ ہوا ہےمَوجزَن تحریر میں              جب قَلم تُو نے اُٹھایا اے اِمام احمد رضا

تُو نے باطل کو مٹا کر دِین کو بخشی جِلا                سُنّتوں کو پھر جِلایا اے اِمام احمد رضا

اے اِمامِ اہلسنّت نائبِ شاہِ اُمم                     کیجئے ہم پر بھی سایہ اے اِمام احمد رضا

                                                                          (وسائلِ بخشش مرمم،ص ۵۲۵)

      مختصر وضاحت:۔۔۔ جڏهن به اعلٰي حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه  قلم کڻندا ها ته علم جا درياء وهائي ڇڏيندا ها، باطل کي مٽائي سنتن کي عام ڪرڻ جو تاج به سندن جي مٿي آهي، اي اعلٰي حضرت! ڪرم فرمايو ۽ اسان تي به پنهنجي ڪرم جي نظر فرمايو .