Book Name:Imdaad-e-Mustafa Kay Waqeaat

      (2) جيتريون سٺيون نِيّتون وڌيڪ، اوترو ثواب به وڌيڪ.

بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون

٭ نگاهون جھڪائي پوري توجھ سان بيان ٻڌندس ٭ ٽيڪ لڳائي ويهڻ بدران علمِ دين جي تعظيم خاطر جيترو ٿي سگهيو ٻئي گوڏا وڇائي ويهندس ٭ ضرورت پوڻ تي ٻين جي لاءِ سِرڪي جاءِ ڪشاده ڪندس ٭ ڌِڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندس، گھوري ڏسڻ ۽ اَٽڪڻ کان بچندس ٭ صَـلُّـوا عَلَي الحَبِيـب! اُذکُرُالله , تُوبُوا اِلَـي الله! وغيره ٻڌي ثواب ڪمائڻ ۽ صدا لڳائڻ وارن جي دِل جوئي جي لاءِ بلند آواز سان جواب ڏيندس ٭ بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي سلام، مصافحو ۽ انفرادي ڪوشش ڪندس۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو!ربيع الاول جو مبارڪ مهينو پنهنجون برڪتون لُٽائي رهيو آهي، هر پاسي مٺي مٺي آقا، ٻنهي جھانن جي داتا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ذِڪر سان عاشقانِ رسول پنهنجي دِل ۽ دِماغ کي مهڪائي رهيا آهن، ڪٿي سندن ولادت جو ذِڪر آهي ته ڪٿي سندن ڪمالات (Virtues) جي ڳالھ آهي۔ ڪٿي سندن سيرت بابت بيان آهي ته ڪٿي سندن مبارڪ صورت جو ذِڪر خير آهي۔ ڪٿي عِبادتِ مُصطَفٰي جو بيان آهي ته ڪٿي سلطنتِ مُصطَفٰي جا چرچا آهن۔ ڪٿي شفاعتِ مُصطَفٰي جا تذڪرا آهن ته ڪٿي سندن عنايتن جا چرچا آهن۔ ڪٿي سندن عظمتن جو بيان آهي ته ڪٿي سندن رِفعتن (بُلندين) جا تذڪرا آهن۔ ڪٿي طاقتِ مُصطَفٰي جو بيان آهي ته ڪٿي شُجاعتِ مُصطَفٰي جا گيت ڳايا پيا وڃن۔ ڪٿي نگاھ مُصطَفٰي جون ڳالهيون آهن ته ڪٿي عطاءِ مُصطَفٰي جو بيان آهي۔ ڪٿي خاندانِ مُصطَفٰي جا چرچا آهن ته ڪٿي برڪاتِ نبوت جو بيان آهي۔ ڪٿي معجزاتِ مُصطَفٰي جون ڳالهيون آهن ته ڪٿي اَخلاقِ مُصطَفٰي جو بيان آهي۔ ڪٿي اِختياراتِ مُصطَفٰي جون ڳالهيون آهن ته ڪٿي نوازشاتِ مُصطَفٰي جو بيان آهي۔ ڪٿي هجرتِ مُصطَفٰي جون ڳالهيون آهن ته