Book Name:Imdaad-e-Mustafa Kay Waqeaat

سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي بارگاھ ۾ ته جھرڪيون به اچي فرياد ڪن ٿيون، هرڻي مدد طلب ڪري ٿي جڏهن ته اُٺ بُک ۽ غَم جي ڪهاڻي ٻڌائين ٿا۔ ٽئين ۽ چوٿين مِصرعي جو مطلب هي آهي ته اسان جي آقا و موليٰ، مڪي مديني واري مصطَفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي پياري پياري شان ته ڏسو! جانور ان جو احتِرام ڪن ٿا، پٿر ادب سان سلام ڪن ٿا ۽ وڻ انهن کي سجدو ڪن ٿا۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                         صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

ٽيلي ٿون جي ترغيب

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! عاشقانِ رسول جي مدني تحريڪ دعوتِ اسلامي سُنّتن جي خدمت جي لاءِ سڄي دنيا ۾ مصروفِ عمل آهي، 104 کان وڌيڪ شعبن جي ذريعي نيڪي جي دعوت عام ڪئي پئي وڃي۔ جڏهن ته اڄ جو دور اهڙو آهي جو جنهن ۾ مال ۽ دولت خرچ ڪرڻ بغير ڪو به ڪم ڪرڻ نهايت دشوار آهي۔ ايستائين جو دِين جو ڪم ڪرڻ، دِيني تعليمات کي پکيڙڻ، جامعات ۽ مدرسا هلائڻ ۽ علمِ دين جي فروغ جي لاءِ به گهڻي سرمايي جي قدم قدم تي ضرورت پوندي آهي۔

پياري آقا، ٻنهي جهان جي داتا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمانِ غيب نشان آهي :”آخري زماني ۾ دِين جو ڪم به دِرهم ۽ دِينار سان ٿيندو۔“ (المعجم الڪبير، ۲۰/۲۷۹،حديث:۶۶۰،ملخصاً)

هن روايت مان معلوم ٿئي ٿو ته هڪ زمانو اهڙو ايندو جڏهن دِين جي ڪم جي لاءِ به سرمائي جي سخت ضرورت پوندي۔ اڄ جون حالتون ڪنهن کان لڪيل ناهن۔ دعوتِ اسلامي جا انهن سوين شعبن تي اربين روپيا خرچ ٿيندا آهن، انهن شعبن ۾ جامعة المدينه ۽ مدرسة المدينه به شامل آهن، جتي قرآنِ ڪريم ۽ علمِ دِين جي تعليم في سبيل الله (مُفت) ڏني ويندي آهي۔

سڄي دنيا ۾ 3000 (ٽي هزار) کان وڌيڪ مدارس المدينه ۾ 144000(هڪ لک