Book Name:Imdaad-e-Mustafa Kay Waqeaat

چوئيتاليھ هزار) کان وڌيڪ مدني مُنّا ۽ مدني مُنّيون قرآني تعليم سان پاڻ کي آراسته ڪري رهيون آهن، جڏهن ته هن وقت تائين 300000 (ٽي لک) کان وڌيڪ مدني مُنّا ۽ مدني مُنّيون حفظ ۽ ناظره جي سعادت حاصل ڪري چڪيون آهن۔ جڏهن ته سڄي دنيا ۾ 606 جامعات المدينه ۾ 50000 (پنجاھ هزار) کان وڌيڪ شاگرد ۽ شاگردياڻيون دِيني تعليم حاصل ڪرڻ ۾ مشغول آهن، صرف هنن ٻن شعبن جا اخراجات ڪروڙين روپيا سالانه آهن۔

اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ 2 ڊسمبر 2018ء،23 ربيع الاول 1440ھ بروز آچر ڏينهن 02:00 کان رات 02:00 وڳي ٽيلي ٿون جي ترڪيب ٿيندي۔ في يونٽ 10 هزار جو هوندو، ملڪ ۽ بيرونِ ملڪ دعوتِ اسلامي جي زيرِ انتظام هلندڙ مدارس المدينه ۽ جامعات المدينه جي سموري خرچن جي لاءِ پنهنجي صدقات سان تعاون ڪريو۔ پنهنجي مرحومن جي ايصالِ ثواب جي لاءِ يونٽ جمع ڪرايو۔ وڌيڪ نه هجي ته گھر جي هر فرد جي طرفان گھٽ مان گھٽ هڪ يونٽ ته ضرور جمع ڪرايو ۽ ٻين کي به ان جي ترغيب ڏياريو۔ يونٽ جمع ڪرڻ جو پنهنجو ڪو هدف بڻائي هاڻي کان ئي ان جي لاءِ رابطا شروع ڪري ڇڏيو۔ الله پاڪ اوهان کي جزاءِ خير عطا فرمائي۔

احاديثِ طيبه ۾ صدقو ڏيڻ جا کوڙ فائدا بيان ٿيا آهن، اچو ترغيب لاءِ ڪجھ ٻڌون ٿا: صدقو الله پاڪ جي غضب کي ختم ڪري ۽ بُري موت کي دفع ڪري ٿو. (ترمذي،ڪتاب الزڪاة،باب ما جاء في فضل الصدقة، ۲/۱۴۶،حديث:۶۶۴)  صدقو بُرائي جا ستّر دروازا بند ڪري ٿو۔ (فردوس الاخبار، ۲/۳۴، حديث:۳۶۵۱) صدقو گناھ کي مٽائي ڇڏيندو آهي جيئن پاڻي باھ کي وسائي ڇڏيندو آهي. (ترمذي، ڪتاب الزڪاة، ۲/۱۱۸، حديث:۶۱۴) مسلمان جو ڏنل صدقو عمر (Age) کي وڌائي ٿو ۽ بُري موت کي روڪي ٿو۔ (فردوس الاخبار، ۲/۲۶،حديث:۳۵۷۸) صدقو ستّر قِسم جي بلائن کي روڪي ٿو، جن مان سڀني کان آسان بلا، بدن بگڙجڻ ۽ سفيد داغ آهن. (تاريخ البغداد،۸/ ۲۰۴، حديث:۴۳۲۶)