Book Name:Imdaad-e-Mustafa Kay Waqeaat

فرمائي ڇڏيو۔

حضرت سَيدُنا زَيد بن اَرْقَم رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ فرمائن ٿا: الله پاڪ جو قسم! مون ان هرڻي کي ڏٺو ته اها جھنگ ۾ تسبيح ۽ ڪلمو پاڪ پڙهندي وڃي رهي هئي۔ (دلائل النبوة،باب ماجاء في ڪلام الظبية …الخ،۶/۳۵)

اُٺ جو فَرياد

حضرت سَيدُنا يعليٰ بن مُرَّه رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ فرمائن ٿا: هڪ ڏينهن اسان حُضور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سان گڏجي سفر تي وڃي رهيا هئاسين، اوچتو اسان جو گذر هڪ اهڙي اُٺ وٽان ٿيو،  جنهن تي پاڻي جا مشڪيز لَڏيا پئي ويا، جڏهن اُٺ حُضُور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي ڏٺو ته اهو آواز ڪرڻ لڳو ۽ پنهنجي ڪنڌ کي جُھڪائي ورتو، حُضُور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ان وٽ تشريف کڻي ويا ۽ فرمايائون: هن اُٺ جو مالڪ ڪٿي آهي؟ (ايتري ۾) اهو اچي ويو، حُضُور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايائون: توهان هن کي مون کي وڪڻي ڇڏيو، ان عرض ڪيو بلڪ هي مان اوهان کي تحفي طور پيش ڪيان ٿو، پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: بلڪ ان کي وڪڻي ڇڏيو، ان عرض ڪيو بلڪ تحفي طور پيش آهي، البت اهو اُٺ هڪ اهڙي گھراڻي جو آهي جو جنهن جي روزگار جو ذريعو ان کان ٻيو ڪو ناهي، حُضور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: بهرحال جڏهن توهان ان جو مُعَامَلو ذِڪر ڪري ئي ورتو آهي ته ٻڌو! هن ڪم گھڻو وٺڻ ۽ گاهه گھٽ ڏيڻ جي شڪايت ڪئي آهي، تنهنڪري هن سان سٺو سُلوڪ ڪندا ڪيو۔ (دلائل النبوة،ذڪر المعجزات الثلاث التي شهدن …الخ،۶/۲۳)

اپنے مولیٰ کی ہے بس شان عظیم                              جانور بھی کریں جن کی تعظیم

سنگ کرتے ہیں ادب سے تسلیم                               پیڑ سجدے میں گِرا کرتے ہیں

ہاں یہیں کرتی ہیں چڑیاں فریاد                                ہاں یہیں چاہتی ہے ہرنی داد

اِسی دَر پر شُتُرانِ ناشاد                                        گلۂ رنج و عنا کرتے ہیں

ڪلامِ رضا جي وضاحت: پهرين ٻن مِصرعن جو مطلب اهو آهي ته پاڻ