Book Name:Imdaad-e-Mustafa Kay Waqeaat

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اِمدادِ مُصطَفٰي جو باب گھڻو وسيع ۽ ڪشادو آهي، نبين جي سُلطان، مَحبوبِ رحمٰن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي مشڪل ڪشائي جو اهو فَيضان صِرف انسانن تائين ئي مَحدود ناهي، ان ڪري جو پاڻ سڳورا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم صِرف انسانن ئي جا نبي نه آهن بلڪه تمام مخلوقات ڏانهن نبي بڻائي موڪليا ويا آهن، تنهنڪري جھڙي طرح پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پنهنجي ڏکويل اُمَّتين جا فَرياد ٻڌن ٿا ۽ الله پاڪ جي عطا سان انهن جي مُشڪل ڪشائي فرمائن ٿا، اهڙي طرح پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم مصيبتن ۾ڦاٿل  جانورن، پکين ايستائين جو بي جان شين جو به فرياد ٻڌن ٿا، انهن جون ٻوليون سمجھن ٿا ۽ اُنهن جي دَست گِيري به ڪن ٿا،

مشهور مُفسِّرِ قُرآن،حڪيم الاُمَّت مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْهفرمائن ٿا: حُضورِ انور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پاڻ ته عَرَبي ڳالهائين ٿا پر سموريون زبانون  به سمجھن ٿا، ايستائين جو جانورن جون ٻوليون به سمجھن ٿا، ان ڪري اُٺن، جھرڪين (Sparrows) حُضورِ انور، شاھ بحروبر صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي بارگاھ ۾ فرياد ڪيو ۽ انهن جي فرياد رسي ڪياؤن۔ (مرآة المناجيح،۸/۱۱۹بتغير قليل) هڪ ٻي هنڌ فرمائن ٿا:(حُضور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي) پٿر سلام ڪندا  هئا، ڪاٺي جو ٿڙ استنِ حَنَّانَه حُضور (صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم) جي فِرَاق (يعني پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي جُدائي) ۾ روئي پيو، پاڻ (صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم) کي دل جو ڏُک دَرد چيائين ۽ حُضور (صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم) سڀ ڪجھ سمجھي ورتو۔

اڄ حضور اڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي درٻار ۾ هر شخص پنهنجي ٻولي ۾ حُضور (صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم) سان فرياد ڪري ٿو، ڪو به وچ ۾ ترجمو ڪرڻ وارو ناهي هوندو سڀني جي ٻڌن ٿا سمجھن ٿا، سڀني جي فرياد رَسِي ڪن ٿا، اهو آهي حُضور (صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم) جو سڀ زبانون ڄاڻڻ جو ثُبُوت۔ (مرآة المناجيح،۸/۳۸) مزيد