Book Name:Imdaad-e-Mustafa Kay Waqeaat

فرمائن ٿا: حضرت (سَيدُنا) سُلَيمان (عَـلٰى نَبِـيِّـنَا وَ عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام) صِرف جھرڪين، ڪيلين جي ٻولي سمجھندا هئا، حُضور(صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم) شَجَر و حَجر، خُشڪ و تَر تمام مخلوق جي ٻولي ڄاڻن ٿا، حُضور (صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم) حاجت رَوا، مُشڪل ڪشا آهن۔ هي اهو مسئلو آهي جنهن کي جانور به مڃن ٿا۔ (مرآة المناجيح، ۸/۲۳۹)

اچو! هاڻي اسان جانورن جي متعلق اِمدادِ مُصطَفٰي جا ٻه ايمان اَفروز روحاني واقعا ٻڌون ٿا:

هرڻيءَ جو فرياد

حضرت سَيدُنا زَيد بن اَرْقَم رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ فرمائن ٿا ته هڪ ڀيري مان رَحمتِ عالَم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سان گڏ مديني جي گھٽين مان گذري رهيو هئس، اسان هڪ اَعرابي جي خيمي وٽان لنگھياسين، جنهن وٽ هڪ هرڻي به ٻڌل هئي۔ هرڻي female deer)) عرض ڪيو: يارَسُولَ الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! هي خيمي وارو اَعرابي مون کي شِڪار ڪري کڻي آيو آهي، جڏهن ته منهنجا ٻه (2) ٻچا جنگل ۾ موجود آهن، منهنجي ٿڻن ۾ کير گهاٽو ٿي رهيو آهي هي نه  وري مون کي ذَبح ڪري ٿو ته  جيئن مان هن تڪليف مان نجات ماڻيان ۽ نه ئي مون کي ڇڏي ٿو ته جهنگ ۾ پنهنجي ٻارن کي کير پياري اچان۔ هرڻي جو فرياد ٻڌي سَروَرِ معصوم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: جيڪڏهن مان تون کي ڇڏي ڏيان ته ڇا تون موٽي واپس ايندينءَ؟ عرض ڪيائين: جي ها! جيڪڏهن مان ائين نه ڪيان ته الله پاڪ مون کي (ناجائز) ٽيڪس وُصول ڪرڻ واري جهڙو عذاب ڏي۔ پوءِ حُضُور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ان کي ڇڏي ڏنو، اها وڏي تيزي ۽ بيقراري سان جهنگ ڏانهن هلي وئي، اڃا ٿوري ئي دير گذري هئي ته اها خوشي خوشي واپس اچي وئي۔ پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ان کي خيمي ساڻ ٻڌي ڇڏيو۔ ايتري ۾ اهو اَعرابي به پاڻي جي مشڪ کڻي بارگاھِ رسالت ۾ حاضر ٿي ويو۔ نبي ڪريم، رؤف و رحيم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ان کي فرمايائون: ڇا اها هرڻي اسان کي وڪڻندو؟ ان عَرض ڪيو: يا رَسُولَ الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! هي هديي طور پيشِ خدمت آهي۔ ته پوءِ پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم هرڻي کي آزاد