Book Name:Imdaad-e-Mustafa Kay Waqeaat

یہ مریض مر رہا ہے تِرے ہاتھ میں شِفاء ہے                           اے  طبیب!  جلد  آنا  مَدَنی  مدینے  والے

مجھے آفتوں نے گھیرا، ہے مصیبتوں کا ڈیرا                             یا نبی مدد کو آنا مدنی مدینے والے

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                         صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

سرڪار صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم چهري جي سياهي دور ڪري ڇڏي:

اهڙي طرح حضرت سَيدُنا سفيان ثوري رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: مون طواف ڪري رهيو هيس ان دوران هڪ شخص کي هر قدم تي حُضور نبي ڪريم، صاحبِ خُلقِ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تي دُرُودِ پاڪ پڙھندي ڏٺو ته ان کان پڇا ڪيم: اي ڀاءُ! سُبْحٰنَ الله ، لَآاِلٰه اِلَّا الله جي بدران دُرُودِ پاڪ جو وِرد ڪندا پيا وڃو، هن ۾ ڪهڙو راز آهي؟ ته هو پڇڻ لڳو: الله پاڪ اوهان کي معاف فرمائي، اوهان ڪير آهيو؟ مون ٻڌايو: مان سفيان ثوري آهيان۔پوءِ ان چيو: جيڪڏهن اوهان زماني وارن ۾ اجنبي نه هجو ها ته مان اوهان کي پنهنجي حال ۽ ان راز جي خَبَر نه ڏيان ها، پوءِ چيائين ته مان پنهنجي والدِ گرامي سان گڏ  بيتُ الله جي  حجِ جي ارادي سان نڪتس۔ سفر دوران منهنجو والد صاحب بيمار ٿي پيو، اُن جو چهرو ڪارو (Black) ٿي ويو، اکيون نيريون ٿي ويون ۽ پيٽ ڦوڪجي ويو هو، مون روئيندي هي پڙھيو: اِنّالِلّٰه وَاِنَّا اِلَيه رَاجِعُوْنَ (پ۲، البقرة:۱۵۶) (ترجَمو ڪنز الايمان: اسان الله جي مِلڪ آهيون، ۽ اسان کي ان جي طرف موٽڻو آهي) (ٿوري دير کان پوءِ) انهيءَ ويراني ۾ منهنجي والد جو انتقال ٿي ويو، پوءِ مون ان  جي چهري تي چادر وجهي ڇڏي۔ اوچتو مون تي ننڊ جو غَلَبواچي ويو ۽ مان سمهي پيس، مون هڪ شخص کي ڏٺو ان کان وڌيڪ حسين وجميل ۽ صاف سٿري لباس وارو مون ڪڏهن نه ڏٺو هو۔ هو منهنجي والدِ محترم جي ويجهو تشريف کڻي آيا ۽ ان  جي چهري تان چادر هٽائي پنهنجو مبارَڪ هٿ چهري تي ڦيرڻ لڳا۔ ته ان جو چهرو کير کان وڌيڪ سفيد ٿي ويو۔ پوءِ ان شخص پيٽ تي هٿ ڦيريو ته اهو پهريان وانگر ٿي ويو، پوءِ هو موٽڻ لڳا ته مان بيهي