Book Name:Imdaad-e-Mustafa Kay Waqeaat

رهيس ۽ مون ان جي چادر کي پڪڙي پڇيو: ياسَيدِي! الله پاڪ اوهان تي رحم فرمائي، اوهان ڪير آهيو؟ جن جي سبب الله پاڪ منهنجي والدِ محترم تي هن ويراني ۾ احسان فرمايو آهي، ان  پڇيو: ڇا تون مون کي نٿو سڃاڻين؟ مان مُحَمَّدٌرَّسُوْلُ الله (صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم) آهيان، تنهنجو  پيءُ تمام گھڻو گناهگار هو، پر مون تي ڪثرت سان دُرُودِ پاڪ پڙهندو هو۔ جڏهن هو هن بيماريءَ ۾ مُبتَلا ٿيو ته مون سان فرياد ڪيائين ۽ بيشڪ جيڪو مون تي ڪثرت سان دُرُودِ پاڪ پڙھندو آهي، مان ان جي فرياد تي پهچندو آهيان۔ پوءِ مان بيدار ٿيس ته ڏٺم منهنجي والد سڳوري جو چهرو سفيد ۽ ڦوڪيل پيٽ درست ٿي چڪو هو۔  

(روح البيان،پ۲۲، الاحزاب، تحت الآية:۵۶،۷/۲۲۵)

فریاد اُمَّتی جو کرے جو حالِ زار میں

ممکن نہیں کہ خیرِ بَشر کو خبر نہ ہو

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                         صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! بغير شڪ ۽ شبهي جي اسان جا آقا ۽ موليٰ، ٻنهي جھانن جا داتا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پنهنجي اُمَّتين تي اُنهن جي والدين کان به وڌيڪ مهربان (Kind) آهن ۽ اُنهن تي تمام گھڻو لطف ۽ عنايت به فرمائيندا آهن، پاڻ سڳورا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پنهنجي هر اُمَّتي کي نه صرف سڃاڻيندا آهن بلڪ مشڪل حالتن ۾ ڦاٿل اُمَّتين جي مدد به فرمائيندا آهن۔

بيان ڪيل واقعن ۾ جتي آقاءِ دو جهان، سرورِ ذِيشان صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو ظاهري وصال کان بعد مدد ڪرڻ ثابت ٿي رهيو آهي، اتي درود ِپاڪ جي فضيلت جو به بيان آهي ۽ اهو به معلوم ٿيو ته دُرُودِ پاڪ پڙهڻ سان وڏي کان وڏيون بلائون ٽري وينديون آهن، ۽ دُرُودِ پاڪ پڙهڻ وارن تي سرڪارِ مدينه، راحتِ قلب وسينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم خصوصي شفقتون فرمائيندا ۽ مصيبت جي