Book Name:Imdaad-e-Mustafa Kay Waqeaat

اينديون آهن، ٭ ملائڪ دُرُود پاڪ پڙهڻ واري کي گھيري وٺندا آهن، ٭ دُرُود شريف پڙهڻ وارو جڏهن پُل صِراط تان گُذرندو ته نُور ڦهلجي ويندو ۽ هو ان ۾ ثابِت قدم ٿي اک ڇنڀ جيتري ٽائم ۾ نَجات ماڻي ويندو، ٭ وڏي عظيم سَعادت هي آهي ته دُرُود شريف پڙهڻ واري جو نالو حُضُور سراپا نُور، فيضِ گَنجور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي بارگاھ ۾ پيش ڪيو ويندو آهي، ٭ تاجدارِ مدينه، قرارِ قلب و سِينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي مَحَبَّت وڌندي آهي، پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جون خوبيون دل ۾ رهنديون آهن، ٭ ڪثرتِ دُرُود شريف سان حُضورِ اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو تصوُّر ذِهن ۾ قائم ٿي ويندو آهي، ٭ خُوش نَصيبن کي قُربتِ مُصطَفٰي نصيب ٿيندي آهي، ٭ خَواب ۾ مڪي مدني سرڪار صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو دِيدار نصيب ٿيندو آهي، ٭ روزِ قِيامت مَدَني تاجدار،شههِ ابرار صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سان مُصافَحو (hand shake) ڪرڻ جي سعادَت نصيب ٿيندي، ٭ دُرودشريف پڙهڻ واري کي ملائڪ مرحبا چوندا آهن، ۽ مَحَبَّت رکندا آهن، ٭ ملائڪ ان جي دُرُود کي سون جي قَلمن کان چاندي جي تختين تي لکندا آهن ۽ اُن جي لاءِ بخشش جي دُعا ڪندا آهن ۽ زمين تي سير ڪندڙ ملائڪ ان جي دُرُود شريف کي مدَني سرڪار صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي بارگاھ بيڪس پناھ ۾ پڙهڻ واري ۽ ان جي پيءُ جي نالي سان گڏ پيش ڪندا آهن۔ (جذب القلوب، ص۲۲۹)

دُکھوں نے تم کو جو گھیرا ہے تو دُرُود پڑھو                      جو حاضِری کی تَمنّا ہے تو دُرُود پڑھو

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ثواب حاصل ڪرڻ خاطر بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نِيّتون ڪري وٺون ٿا. فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ:  نِيَّةُ الۡمُؤۡمِنِ خَيۡرٌ مِّنۡ عَمَلِهٖ  يعني مسلمان جي نِيّت ان جي عمل کان بهتر آهي .(المعجم الڪبير،سهل بن الساعدي...الخ ج 6، ص 185، الحديث: 5942) 

ٻه مدني گُل:  (1) بغير سٺي نيّت جي ڪنهن به نيڪ عمل جو ثواب ناهي ملندو.