Book Name:Imdaad-e-Mustafa Kay Waqeaat

وقت اُنهن جي مدد به فرمائيندا آهن۔

اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول ۾ مختلف موقعن تي درودِ پاڪ جي ترغيب ڏياري ويندي آهي ۽ درود شريف پڙهڻ ته مدني انعامات ۾ به شَامل آهي، جيئن مدني انعام نمبر 5 ۾ آهي: ڇا اڄ اوهان پنهنجي شجري جا ڪجھ نه ڪجھ اَوراد ۽ گھٽ ۾ گھٽ 313 ڀيرا درود شريف پڙھي ورتا؟ اهڙي طرح مدني انعام نمبر 49 ۾ فضول ڳالھ ڪرڻ جي صورت ۾ نادِم (يعني شرمسار) ٿي درود شريف پڙهڻ جي ترغيب موجود آهي۔ تنهنڪري درودِ پاڪ جي عادت بڻائڻ جي لاءِ مدني انعامات تي عمل بهترين نُسخو آهي، درود ۽ سلام جون فضيلتون پڙھندا رهو ۽ نه پڙهڻ جون وعيدون به ذهن نشين رکو، هميشه پاڻ وٽ هڪ عدد تسبيح ضرور رکو، جنهن جي ذريعي روزانو هڪ مخصوص تعداد ۾ درود شريف پڙھندا رهو، ان کان علاوه فارغ وقت ۾ به فضول ڳالهين ۾ مشغول رهڻ جي بجائي ذڪر و درود جي عادت بڻايو۔

اچو! ترغيب لاءِ دُرُودِ پاڪ پڙهڻ سان حاصل ٿيڻ وارين بَرڪتن جي باري ۾ ٻڌون ٿا، جيئن

مشهور مُحَدِّث حضرت سَيدُنا شيخ عبدُالحق مُحدِّثِ دِهلَوي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: ٭ دُرُود شريف سان مصيبتون ٽرن ٿيون، ٭ بيمارين کان شِفا حاصل ٿيندي آهي، ٭ خوف دور ٿيندو آهي، ٭ ظُلم کان نَجات حاصل ٿيندي آهي، ٭دُشمنن تي فَتح (Victory) حاصل ٿيندي آهي، ٭ الله پاڪ جي رِضا حاصل ٿيندي آهي ۽ دل ۾ ان جي مَحَبَّت پيدا ٿيندي آهي، ٭ ملائڪ ان جو ذِڪر ڪندا آهن، ٭ عملن جي تڪميل ٿيندي آهي، ٭ دل ۽ جان، اسباب ۽ مال جي پاڪيزگي حاصل ٿيندي آهي، ٭ پڙهڻ وارو خُوشحال ٿي ويندو آهي، ٭ بَرَڪتون حاصل ٿينديون آهن، ٭ اَولاد دَر اَولاد چار نسلن تائين بَرَڪت رهندي آهي، ٭ دُرُود شريف پڙهڻ سان قِيامت جي هولناڪين کان نجات ملندي  آهي، ٭ موت جي سختين ۾ آساني ٿيندي آهي، ٭ دنيا جي تباھ ڪارين کان نجات ملندي آهي، ٭ تنگدستي (Poverty) پري ٿيندي آهي، ٭ وسري ويل شيون ياد