Book Name:Imdaad-e-Mustafa Kay Waqeaat

عاشقانِ رسول جي صحبت نصيب ٿيندي آهي۔

هن مدني ڪم جي تفصيلي معلومات ڄاڻڻ جي لاءِ رِسالو "هفتيوار مدني مذاڪره" جو مطالعو ڪريو۔ تمام ذِمه داران هن رِسالي کي حاصل ڪن، هن شعبي جي مدني ڪم کي مزيد مضبوط ۽ منظّم ڪرڻ جي لاءِ هن رِسالي ۾ ڏنل طريقيڪار جو عملي طور تي نفاذ ڪريو ۽ ڪرايو۔

اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ! هفتيوار مدني مذاڪري جي علاوه مختلف موقعن تي به مدني مذاڪرن جو سلسلو ٿيندو رهندو آهي، جيئن ته ربيع الاوّل جي مدني مذاڪرن جي ڌوم ڌام هئي، اهڙي طرح ماه فاخِر، ماه عبدالقادِر، ماه ربيع الآخر ۾ به ڪم وبيش 11 ڏينهن مسلسل مدني مذاڪرن جو سلسله ٿيندو۔ اچو! اسان هاڻي کان نيت ڪريون ٿا ته ربيع الآخر جي مدني مذاڪرن ۾ پاڻ به شرڪت جي سعادت حاصل ڪنداسين ۽ ٻين کي به ان جي دعوت ڏينداسين۔ اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ

اچو! تَرغيب لاءِ هڪ مَدَني بَهار ٻڌو ۽ مدني مذاڪري ۾ شرڪت ڪرڻ جي نِيت ڪريو۔ جيئن

گناهن کان توبه ڪري  ورتي

واه ڪينٽ (پنجاب) جو هڪ اسلامي ڀاءُ ٻين نوجوانن جيان ڪيترين ئي بُرائين ۾ ڦاٿل هو۔ فلمون ڊراما ڏسڻ، راند روند ۾ وَقت برباد ڪرڻ ان جو محبوب مشغلو هو۔ هڪ ڏينهن ان جي  گھر ۾ مدني چينل هلڻ جي برڪت سان مدني مذاڪرو ڏسڻ جي سعادت نصيب ٿي، اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ! مدني مذاڪرو ڏسڻ جي برڪت سان ان جي اڳوڻن گناهن کان توبه نصيب ٿي ۽ هو فرض ۽ واجبات جو عامِل بڻجڻ جي ڪوشش ۾ لڳي ويو، چهري تي هڪ مُٺ ڏاڙھي مُبارڪه سجائي ورتي۔ الله پاڪ جو وڌيڪ فضل ۽ ڪرم اهو ٿيو ته ان جي والدين خوشي سان ان کي دعوتِ اسلامي جي مدني ڪمن جي لاءِ ”وقفِ مدينه“ ڪري ڇڏيو۔

گر  سُنّتیں  سیکھنے  کا  ہے  جذبہ    تم آ جاؤ د ےگا سکھا مدنی ماحول

تمہیں لطف آ جائے گا زندگی کا     قریب آکے دیکھو ذرا  مدنی  ماحول