Book Name:Imdaad-e-Mustafa Kay Waqeaat

جنگِ اُحُد جي موقعي تي حضرت سَيدُنا قَتَاده رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي اک تير لڳڻ سان نڪري پئي ته هو دوڏو کڻي رحمت عالم، نورِ مجسم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي بارگاھ بيڪس پناھ ۾ حاضر ٿيو ۽ اک گھريائين ته پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ان کي اک عطا ڪري ڇڏي۔ (مصنف ابن ابي شيبه،ڪتاب الفضائل،في فضل الانصار، ۷/۵۴۲،حديث:۱۵ملخصاً)

وڌيڪ ٻڌو، امام بخاري رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه اهو به نقل ڪيو آهي ته غَزوه خَيبر جي موقعي تي حضرت سَيدُنا سَلَمَه بن اَڪوَع رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ پنهنجي ٽٽل پِنيءَ کڻي بارگاھِ رسالت ۾ حاضر ٿيو ته پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم انهيء وقت اُن  جي پِنيءَ کي درست ڪري ڇڏيائون۔ (بخاري،ڪتاب المغازي،باب غزوة خيبر، ۳/۸۳،حديث:۴۲۰۶ ملخصاً)

بخاري شريف جي هڪ ٻي روايت ۾ آهي ته ڏڪار (Drought) کان نجات جي لاءِ هڪ صحابي رَضِىَ اللهُ عَنْه دعا جي درخواست ڪئي، حُضورِ اقدس صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم دعا فرمائي ته اهڙي برسات وسي جو سڄو هفتو بيهڻ جو نالو نه ورتائين۔ (بخاري، ڪتاب الاستسقاء،باب الاستسقاء علي المنبر،۱/۳۴۸،حديث:۱۰۱۵ ماخوذاً) صحيح بخاري ۾ آهي ته صحابه ڪرامرَضِىَ اللهُ عَنْهمْ اَجْمَعِين هڪ ڀيري سفر ۾ اڃ سبب بيقرار ٿي بارگاھ رِسالت ۾ حاضر ٿيا ۽ پنهنجي اڃ جي باري ۾ عرض ڪيائون، سرڪارِ ڪائنات صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم اڱرين مان پاڻي جا چشما وهائي انهن کي سيراب ڪري ڇڏيائون۔ (بخاري،ڪتاب المناقب،باب علامات النبوة … الخ،۲/۴۹۵، حديث:۳۵۷۹ ماخوذاً)

اُنگلیاں ہیں فیض پر ٹُوٹے ہیں پیاسے جُھوم کر

ندیاں پنجابِ رحمت کی ہیں جاری واہ واہ

 

شعر جي وضاحت: حديبيه جي مقام تي جڏهن پاڻي ختم ٿي ويو هو، ته نبي ڪريم، صاحبِ خُلقِ عظيم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پنهنجو مبارڪ هٿ ٿانوءَ ۾ رکيائون ته ڄڻ پاڻي جون نهرون جاري ٿي ويون، جن مان هزار کان وڌيڪ صحابه ڪرام عَـلَيْهِمُ الرِّضْوَانْ پنهنجي اڃ پوري ڪئي ۽ پنهنجا ٿانوء ڀريا۔ انهيء منظر جو نقشو ڇڪيندي اعلي حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ