Book Name:Imdaad-e-Mustafa Kay Waqeaat

مدني گل ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪريون ٿا۔ پهريان هڪ فرمانِ مُصطَفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ملاحظه ڪريو: چار شيون نبين سڳورن عَـلَـيْهِمُ السَّلَام جي سُنّت ۾ داخل آهن: نڪاح، مسواڪ، حيا ۽ خوشبو لڳائڻ۔ (مشڪاةالمصابيح، ڪتاب الطهارة، باب السواڪ،۱/۸۸، حديث:۳۸۲) ٭ پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ خوشبو جو تحفو  رد نه ڪندا هئا۔ (سنتيں اور آداب ص۸۵) ٭ نماز جمعه جي لاءِ خوشبو لڳائڻ مستحب آهي. (بهار شريعت ۱/۷۷۴،حصه ۴ملخصاً) ٭ نَماز ۾ ربّ سان مُناجات آهي ته ان جي لاءِ زينت ڪرڻ عطر لڳائڻ مُستَحب آهي۔ (نيڪي ڪي دعوت، ص۲۰۷) ٭ پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم هميشه عمده خوشبو استعمال ڪندا هئا ۽ ان جي ٻين ماڻهن کي به تلقين ڪندا هئا۔ (سنتيں اور آداب ص۸۳) ٭ ناخوشگوار بو يعني بد بو پاڻ سڳورا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ناپسند ڪندا هئا۔ (سنتيں اور آداب ص۸۳) ٭ مَردن کي پنهنجي لباس تي اهڙي خوشبو استعمال ڪرڻ گھرجي جنهن جي خوشبو ڦهلجي پر رنگ جا داڳ وغيره نظر نه اچن۔ (سنتيں اور آداب ص۸۵) ٭ عورتن جي لاءِ مهڪ جي منع هن صورت ۾ آهي جڏهن ته اها خوشبو اجنبي مردن تائين پهچي، جيڪڏهن اهي گھر ۾ عطر لڳائن جنهن جي خوشبو خاوند يا اولاد، ماءُ پيءُ تائين ئي پهچي ته حرج ناهي۔ (سنتيں اور آداب ص۸۵) ٭ اسلامي ڀينرن کي اهڙي خوشبو نه لڳائڻ گھرجي جنهن جي خوشبو اُڏامي غير مردن تائين پهچي وڃي. (سنتيں اور آداب ص۸۶) ٭ فرمايائون: عورت جڏهن خوشبو لڳائي ڪنهن مجلس وٽان گذرندي آهي ته اها اهڙي ۽ اهڙي آهي يعني زانيه آهي۔ (جامع الترمذي ،ڪتاب الادب ،باب ما جآء في ڪراهية خروج المرأةمتعطرة،۴/۳۶۱،حديث:۲۷۹۵) ٭ سرڪار مدينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي عادت ڪريمه هئي ته پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ”مشڪ“ سرِ اقد س جي مقدس وارن ۽ ڏاڙھي مبارڪ ۾ لڳائيندا هئا۔ (سنتيں اور آداب ص۸۳) ٭ ائير فريشنر جي استعمال کان بچڻ گھرجي۔ (سنتيں اور آداب ص۸۴)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

طرح طرح جون هزارين سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل ڪتاب 312 صفحن تي مشتمل ڪتاب ”بهار شريعت“ حصو 16 ۽ 120 صفحن