Book Name:Imdaad-e-Mustafa Kay Waqeaat

جنهن ۾ ان جا ڪيئي ماڻهو مارجي ويا، ايتري ۾ انهن ٻنهن صحابه رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُمَا جي مدد جي لاءِ حضرت سَيدُنا خالد بن وَليد رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ به پهچي ويا۔ سندس رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي لشڪر جو تعداد چويھ هزار(24000) هئي ۽ مُسَيلِمَه ڪذَّاب وٽ ان وقت چاليھ هزار (40000) فوج هئي، ٻئي لشڪر بهادري سان وڙهيا ۽ جنگ جو نقشو ڪيئي ڀيرا تبديل ٿيو، ڪڏهن حالتون مسلمانن جي حق ۾ ٿي وينديون هيون ۽ ڪڏهن مُرتَدن (يعني اِسلام کان ڦري وڃڻ وارن) جو پلڙو ڀاري رهندو هو۔ ثُمَّ بَرَزَ خَالِدٌ وَدَعَا اِلَي الْبَرَّازِ وَنَاديٰ بِشِعَارِھِمْ وَکانَ شِعَارُھُمْ يا مُحَمَّدَاه، فَلَمْ يبْرُزْ اِلَيه اَحَدٌ اِلَّا قَتَلَه يعني جڏهن حضرت سَيدُنا خالد بن وَلِيد رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کي يقين ٿي ويو ته بَنُو حَنِيفَه قبيلي وارا ان وقت تائين نه هٽندا جيستائين مُسَيلِمَه ڪذَّاب کي قتل نه ڪيو وڃي ته پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ بذاتِ خُود ميدان ۾ لٿا ۽ مقابلي جي لاءِ مُسَيلِمَه ڪذَّاب جي شهسوارن کي طلب ڪيائون ۽ مسلمانن جي شِعَار يعني عادت جي مطابق’’يامُحَمَّدَاه‘‘ جو نعرو (Chant) لڳايو ۽ ان وقت جنگ ۾ مسلمانن جو شِعَار اهو هو جو اهي مشڪل وقت ۾ وڏي آواز سان اهو نعرو لڳائيندا هئا ’’يامُحَمَّدَاه‘‘ يعني يا رسُولَ الله (صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم)! اسان جي مدد فرمايو۔ اهڙي طرح حضرت سَيدُنا خالد بن وَلِيد رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ به نعرو هنيو ۽ پوءِ دشمنن جي طرفان جيڪو به مقابلي ۾ آيو، پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ ان جو ڪنڌ لاهي ڇڏيو۔ نيٺ مُسَيلِمَه ڪذَّاب جي ساٿين کي شڪست ٿي ۽ اهي سڀئي ڀڄڻ لڳا۔ مسلمانن جي هڪ جماعت انهن جو پيڇو ڪيو، گھڻن کي جهنم جي حوالي ڪيائون ۽ گھڻن کي گرفتار ڪري قيدي بڻائي ورتائون ۽ کوڙ غنيمت جو مال مسلمانن کي هٿ آيو۔ (فيضانِ صديقِ اڪبر،ص۳۸۴بتغير قليل)

اعليٰ حضرت،اِمام ِاَهلسنّت مولانا شاھ امام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه پنهنجي نعتيه ديوان ”حدائقِ بخشش“ ۾ هن طرح عرض ڪن ٿا:

فریاد اُمَّتی جو کرے حالِ زار میں                              ممکن نہیں کہ خیرِ بشَر کو خَبَر نہ ہو