Book Name:Waham Aur Bad Shuguni

ائين ٿيو آهي۔

(2)…بدشُگُوني جو ٻيو سبب توڪل يعني الله تعاليٰ تي ڀروسو ڪرڻ جي ڪمي آهي۔ ان جو علاج هي آهي ته جڏهن به ڪا بَدشُگُوني دل ۾ اچي ته رب عَزَّ وَجَلَّ تي توڪل ڪريو۔ اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ بَدشُگُوني جو خيال دل مان ويندو رهندو۔

(3)…بدشُگُوني جو ٽيون سبب بدفالي جي ڪري ڪم کان رڪجي وڃڻ آهي۔ ان جو علاج هي آهي ته جڏهن ڪنهن ڪم ۾ بدفالي نڪري ته ان کي ڪري وٺو ۽ پنهنجي دل ۾ ان خيال کي جاءِ نه ڏيو ته ان بدفالي جي سبب مون کي هن ڪم ۾ ڪو نقصان وغيره ٿيندو۔

(4)…بدشُگُوني جو چوٿون سبب ان جي هلاڪت خيزين ۽ نقصانن کان بي خبري آهي جو انسان جڏهن ڪنهن شيء جي نقصان ئي کان با خبر نه آهي ته ان کان ڪيئن بچندو؟ ان جو علاج هي آهي ته انسان بدشُگُوني جي هلاڪت خيزين ۽ نُقصانن کي پڙھي، انهن تي غور ڪندي انهن کان بچڻ جي ڪوشش به ڪري۔

 (5)…بدشُگُوني جو پنجون سبب روز مرّه جي معمولات ۾ وظائف شامل نه هئڻ آهي۔ ان جو علاج اعليٰ حضرت، امامِ اهلسنت مولانا شاه امام احمدرضا خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ڪجھ ائين ارشاد فرمائن ٿا: بدشگوني وغيره جا انديشا، وسوسا جڏهن به پيدا ٿين ته انهن لاءِ قرآن ڪريم ۽ حديث شريف مان ڪجھ مختصر ۽ فائديمند دعائون لکان ٿو، انهن کي هڪ هڪ ڀيرو يا ڪجهه ڀيرا وڌيڪ اوهان ۽ اوهان جا گھر وارا پڙهن، جيڪڏهن دل مضبوط ۽ اهو وهم ختم ٿي وڃي ته بهتر، نه ته جڏهن اهو وسوسو پيدا ٿئي هڪ هڪ ڀيرو پڙهي ڇڏيو۽ يقين ڪريو ته الله (عَزَّوَجَلَّ) ۽ رسول (صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ) جا واعدا سچا آهن ۽ شيطان ملعون جو ڊيڄارڻ ڪوڙ آهي، ڪجهه ڀيرا